سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلرس ڊگري ۾ اسپورٽس ڪوٽا تي داخلائن جي خواهشمندن کان ٽرائيلز وٺڻ جو شيڊيول پڌرو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعيلمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ اسپورٽس ڪوٽا تي داخلائن لاءِ مختلف راندين جا ٽرائيلز 7 ۽ 8 فيبروري 2023ع تي منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽيءَ پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته هاڪي، بيڊ منٽن، ٽيبل ٽينس، ڪراٽي، ٽائيڪوانڊو، باڪسنگ، نيٽ بال/ ٿرو بال ۽ ايٿليٽڪس جي اميدوارن کان ٽرائيلز 7 فيبروري تي صبح جو ڏهين وڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي حيدر بخش جتوئي پويلين ۾ ورتا ويندا. پڌرائيءَ موجب باسڪيٽ بال، والي بال ۽ چيس جا ٽرائيلز به 7 فيبروريءَ تي صبح جو ڏهين وڳي فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۾ منعقد ٿيندا. پڌرائيءَ موجب فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جا ٽرائيلز 8 فيبروريءَ تي صبح جو ڏهين وڳي حيدر بخش جتوئي پويلين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندا. پڌرائيءَ موجب اميدوارن جي عمر 22 سال کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي ۽ هو ذهني ۽ جسماني طور مڪمل فٽ هجن. اميدوار پاڻ سان گڏ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچن ۽ کين اسپورٽس يونيفارم ۽ جوگرز پهريل هجن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/02/2023
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
SU VC Dr Marri inaugurates handicrafts centre to promote Sindh’s cultural heritage
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح م...
View Details → 06/17/2026