سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران عمري لاءِ قرعه اندازي واري تقريب منعقد ڪئي ويئي، وائيس چانسلر ميمبر آفيسرن جا پکا ڪڍيا

سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران عمري جي ادائگيءَ لاءِ ميمبر آفيسرن جي نالن جي قرعه اندازي ڪئي ويئي، جنهن ۾ 6 حاضر سروس ۽ سندن ڪورنگ اميدوارن ۽ هڪ رٽائرڊ توڙي سندس رٽائرڊ ڪورنگ اميدوار لاءِ ڪُڻا ڪڍيا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پکا ڪڍيا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ٿيل تقريب ۾ وائيس چانسلر پاران کنيل پهرئين ڪُڻي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترجمان نادر علي مغيريءَ جو نالو نڪتو، جنهن بعد ٻين خوشنصيبن صائمه ناز وگهيو، محمد بخش لغاري، محمد ابراهيم ميرجت، سڪندر علي ۽ جميل احمد بليديءَ جا نالا نڪتا. اهڙيءَ طرح ڪورنگ اميدوار طور راشد علي سلاوٽ، محمد علي عرساڻي، وسيم احمد شيخ، سڪندر علي بڙدي، غلام محمد سهتو ۽ محمد سليم جتوئي جا نالا ترتيبوار سامهون آيا. جيڪڏهن ڪو مک اميدوار ڪنهن سبب جي ڪري عمري جي ادائگيءَ لاءِ اسهي نه سگهيو ته سندس جاءِ نامزد ٿيل ڪورنگ اميدوار عمري لاءِ روانو ٿي ويندو. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ائسوسيئيشن جي طئه ڪيل فارمولي تحت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو رٽائرڊ آفيسرن مان هڪ خوشنصيب جو پڻ پکو ڪڍيو، جنهن ۾ محمد علي خواجه جو نالو نڪتو، جڏهن ته سندس ڪورنگ اميدوار طور قمرالدين لغاريءَ جو نالو سامهون آيو. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ائسوسيئيشن جو صدر سيد سجاد حسين شاهه، نائب صدر سيد احسان شاهه راشدي، جنرل سيڪريٽري منظور علي پنهور، جوائنٽ سيڪريٽري مير احمد علي ٽالپر، پريس سيڪريٽري تسليم حسن مرزا ۽ فنانس سيڪريٽري پير بخش بجير کان سواءِ ميمبر آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو سمورن خوشنصيب آفيسرن کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته عمري تي ويندڙ آفيسر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مائٽن، عزيزن، دوستن ۽ خاص طور ملڪ کي پنهنجين دعائن ۾ ياد رکن ته جيئن ملڪ موجوده بحرانن مان ٻاهر نڪري اچي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان هن وقت نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا آفيسر پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيئي رهيا آهن، جن کي مقرر وقت تي ترقيون ڏنيون وينديون ۽ سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. وائيس چانسلر چيو ته استادن جا ڪيس مڪمل ٿيڻ بعد آفيسرن جو سليڪشن بورڊ پڻ ٿيندو ۽ سينڊيڪيٽ جو اجلاس سڀني جو گڏيل ٿي ٿيندو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ائسوسيئيشن جي صدر سيد سجاد حسن شاهه وائيس چانسلر ۽ سمورن آفيسرن جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ تقريب جي شروع ۾ سيد اڪبر علي شاهه ڪلام پاڪ جي تلاوت جي سعادت حاصل ڪئي.