سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2023ع جي بيچلرز (مارننگ) ۽ ماسٽرز (مارننگ ۽ ايوننگ) جا ڪلاسز سڀاڻي 7 فيبروري کان شروع ڪرائڻ جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز (مارننگ) ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامز (مارننگ ۽ ايوننگ) جا ڪلاس سڀاڻي 7 فيبروريءَ کان شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بيچلر ڊگري پروگرامز (ايوننگ) جا ڪلاس ٻن هفتن اندر داخلائن جو عمل مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ڊينز، ڊائريڪٽرز ۽ چيئرپرسنز جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀاڻي 7 فيبروري 2023ع کان بيچلرز (مارننگ) ۽ ماسٽرز (مارننگ ۽ ايوننگ) جا ڪلاس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته بيچلرز (ايوننگ پروگرام) جا ڪلاس داخلائن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ٻن هفتن کان پوءِ هلايا ويندا. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، ڊين فئڪلٽي آف فارميسي پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، ڊين فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، انچارج ڊين فئڪلٽي آف آرٽس پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊين فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو ۽ مختلف انسٽيٽيوٽس جا ڊائريڪٽر ۽ شعبن جا چيئرپرسنز موجود هئا. هوڏانهن يونيورسٽي انتظاميا بيچلرز توڙي ماسٽرز پروگرامن ۾ تعليمي سال 2023ع تحت داخلائون حاصل ڪندڙ نئين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سڀاڻي 7 فيبروريءَ کان پنهنجن ڪلاسن ۾ حاضر رهڻ جي صلاح ڏني آهي