سنڌ يونيورسٽي 15 فيبروري کان تعليمي سيشن 2023 لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايم فل ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽ 18 مارچ تي ٿيندي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران 15 فيبروري 2023ع کان تعليمي سال 2023ع لاءِ مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين ۾ داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي. اھڙو اعلان وائيس چانسيلر پروفيسر ميريٽوريس ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت ھيٺ ٿيل سينيٽ ھال ۾ ٿيل ھڪ اعلي سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ اھڙا اميدوار جن ڊسمبر 2022ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ فائنل جا پيپر ڏنا، انهن کي به موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته هو پڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پرگرامن ۾ داخلا لاءِ اپيئرنس/ ھوپ سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي آن لائن درخواستون ڏئي سگھندا. اجلاس ۾ اھو فيصلو به ڪيو ويو ته ايم فل جي اميدوارن جي داخلا ٽيسٽ 18 مارچ 2023 تي منعقد ٿيندي، جڏهن ته اميدوار آن لائين فارم 15 فيبروري کان 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهندا. 18 مارچ تي انٽري ٽيسٽ منعقد ٿيڻ کان پوءِ 20 مارچ تي اميدوار پنهنجا گهربل ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا. اهڙيءَ طرح ايم فل اميدوارن جا انٽرويوز 27 مارچ کان شروع ٿيندا، جيڪي هڪ هفتي تائين جاري رهندا. ڪامياب اميدوارن کي ايڊميشن ليٽر 3 اپريل تي جاري ٿيندا ۽ هو 3 اپريل کان 14 اپريل تائين پنهنجي داخلا فيس جمع ڪرائي سگهندا. مختلف شعبن ۾ ايم فل ڪلاس 15 اپريل کان شروع ٿي ويندا. گڏجاڻيءَ ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پي ايڇ ڊي ۾ انرولمينٽ لاءِ 15 فيبروري کان فارم جاري ڪرڻ بعد اميدوارن کي داخلائن لاءِ پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ انٽرويو ڏيڻو پوندو، جنهن ۾ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي کين داخلا ملندي. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته پي ايڇ ڊي اميدوار لازمي طور گيٽ سبجيڪٽ سرٽيفڪيٽ ڪورس ورڪ مڪمل ٿيڻ کان فوري پوءِ جمع ڪرائڻ جا پابند ھوندا، جڏھن ته گيٽ سبجيڪٽ پاس نه ڪري سگھندڙ پنھنجي ٽاپڪ جي منظوري واري عمل ڏانهن وڌي نه سگھندا. اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته پي ايڇ ڊي اميدوارن کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ اھڙا سبجيڪٽ جن ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سينٽر (اين ٽي ايس) ٽيسٽ منعقد نٿو ڪري، انھن جي ٽيسٽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران ورتي ويندي. اجلاس ۾ اهو به طئي ٿيو ته ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪورس ورڪ دوران پيپرن کي امپروو ڪندڙ اميدوار 3 هزار رپين جا چالان امتحاني فيس جي مد ۾ جمع ڪرائيندا. اجلاس ۾ داخلا فارم جي فيس صرف 3500 رپيا مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني ويئي.