سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ 5 سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام حصو پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون جي ريگيولر ۽ فيلوئر (2021ع بئچ) جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. پڌرائيءَ موجب ڄاڻايل ڊگري پروگرامن جا امتحاني فارم 13 کان 28 فيبروري 2023ع تائين بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته پهرين کان 10 مارچ 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا. پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر شاگردن کي صلاح ڏني آهي ته اُهي پنهنجي اي پورٽل تي وڃي آن لائين امتحاني فارم ڀري سگهن ٿا، جڏهن ته 2020ع ۽ ان کان اڳ وارين بئچن جا فيلوئر اميدوار مينوئل فارم ڀري جمع ڪرائين.