آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز هاڪي ٽورنامينٽ زون ڪي جي اهم مئچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاڪي ٽيم 1-3 گولن تان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي کي شڪست ڏيئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي هاڪي ٽيم هڪ جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي شڪست ڏيئي پشاور ۾ رٿيل فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز هاڪي ٽورنامينٽ زون ڪي جي ليگ مئچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم سيمي فائنل ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي هاڪي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 3 گولن تان هارائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاڪي ٽيم ڪپتان ذاڪر حسين جي قيادت ۾ مئچ کيڏڻ لاءِ ميدان ۾ لٿي ته سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي شاگرد مير مسلم جتوئي 2 گول ڪري مئچ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو، جڏهن ته آخري گول علي داد ڪيو. سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جي رانديگر ڀليڏنو مغيري به زبردست راند پيش ڪئي، پر ڪو به گول نه ڪري سگهيو. 1-3 گولن تان زون ڪي جي اهم مئچ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاڪي ٽيم پشاور يونيورسٽيءَ ۾ رٿيل فائنل مئچ کيڏڻ ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/15/2023
Announcements
1024 x 768
Rs4.87bn water filtration project announced for Sindh University, minister says scheme to ...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے لیے 4.87 ارب روپے کے واٹر فلٹریشن منصو...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ 4.87 ارب روپين جي واٽر فلٽريشن...
View Details → 04/29/2026