سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “مدرسن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ شهري تعليم جي اهميت” جي سري هيٺ ورڪشاپ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سوشل ورڪ شعبي پاران سينٽر فار ريسرچ اينڊ ڊائلاگ جي سهڪار سان “مدرسن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ شهري تعليم جي اهميت” جي سري هيٺ هڪ ورڪشاپ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ڪيو. ورڪشاپ ۾ ڊاڪٽر همايون خان، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ، نظام نظامي، ڊاڪٽر سيد فيصل حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ٽن سيشنز تي مشتمل هو. ڊاڪٽر عمران علي سانڊاڻو “شهريت، آئين ۽ معاشرو” جي سري هيٺ پنهنجي تقرير پيش ڪئي. هن شهريت جي اهميت ۽ جمهوريت، انصاف توڙي مساوات کي هٿي وٺرائڻ ۾ آئين جي ڪردار بابت ڳالهايو. هن شاگردن تي شهريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجن حقن ۽ ذميوارين کي سمجهڻ ۽ جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻيو سيشن ڊجيٽل ميڊيا الائنس پاڪستان جي چيئرمين صبوخ سيد جو منعقد ٿيو، جنهن “مذهبي، لساني، سماجي ۽ سياسي معاشري ۾ ڪيئن رهڻو آهي؟” جي سري هيٺ ڳالهايو. هن شاگردن کي مختلف ثقافتن ۽ مذهبن بابت ڄاڻڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن هڪ وسيع نقطه نظر کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ معاشري ۾ هم آهنگي کي وڌائي سگهجي. ٽيون سيشن سيد عباس علي شاهه جو ٿيو، جنهن “معاشري ۽ فرد وچ ۾ باهمي انحصار کي سمجهڻ جي اهميت” بابت ڳالهايو ۽ اهو ته ڪيئن ماڻهو معاشري جي بهتريءَ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا. ٽنهي سيشن کان پوءِ ڊاڪٽر سيد فيصل حيدر شاهه خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت، سماجي انصاف ۽ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سول تعليم جي وڏي اهميت آهي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڀريو ته هو پنهنجي علم ۽ مهارتن کي معاشري ۾ سماجي ۽ سياسي تبديليءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪن. ان کان اڳ ورڪشاپ ۾ مدرسن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي.