سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل 3 ڪاليجن ۾ ايل ايل بي (آنرز) جي پهرئين سيمسٽر جا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل ٽن سرڪاري ڪاليجن پير الاهي بخش لا ڪاليج دادو، جناح لا ڪاليج حيدرآباد ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ايل ايل بي (آنرز) جي پهرئين سيمسٽر جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 13 مارچ 2023ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 14 کان 17 مارچ 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو. سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايل ڪاليجن جي پرنسپالز کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي 2 مارچ 2023ع تائين مڪمل فهرست سميت امتحاني فارم ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائين. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪاليجن جي پرنسپالن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو کي امتحانن جا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ لاءِ گذارش ڪئي هئي، جنهن بعد وائيس چانسلر جي منظوريءَ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو.