سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽن ٻولين تي مشتمل تقريري مقابلا 14 مارچ 2023ع کان شروع ٿيندا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽن ٻولين سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ تي مشتمل تقريري مقابلا 14 مارچ 2023ع کان شروع ٿيندا، جيڪي 16 مارچ 2023 تائين جاري رهندا. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽيگس ڊاڪٽر غزالا پنهور پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ مزاحيه ۽ سنجيده موضوعن تي مشتقمل تقريري مقابلا آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ واقع شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ صبح 10 وڳي کان شروع ٿيندا، ان ڏس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اُهي پنهنجون نامزدگيون 13 مارچ 2023ع تائين بيورو آف اسٽيگس جي آفيس ۾ جمع ڪرائين.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/01/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزاديءَ جون ٻن هفتن واريون تقري...
View Details → 08/13/2026
1024 x 768
“سبز پاڪستان، سرسبز سنڌ يونيورسٽي” جي سري هيٺ سن...
View Details → 08/13/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں آزادی کی دو ہفتوں والی تقریبات جار...
View Details → 08/13/2026