سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاران گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهد ڪمال جي اوچتي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد ڪمال جي روڊ حادثي ۾ انتقال تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهد ڪمال شماريات جي شعبي ۾ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ اسڪالر هو. ڊاڪٽر صاحب گذريل 30 سالن کان تدريس ۽ تحقيق توڙي انتظامي شعبن سان واڳيل رهيو، جڏهن ته 2019ع کان گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور پنهنجي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ ڊاڪٽر شاهد ڪمال جي ايصال ثواب لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي وارثن کي ان اوچتي صدمي ۾ صبر جي توفيق ڏئي ۽ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/14/2023
Announcements
1024 x 768
Scholars call for revival of reading culture They warn ‘language and wisdom will fade w...
View Details → 09/17/2025
1024 x 768
SU awards 85 PhD, M.Phil degrees at ASRB meeting
View Details → 09/17/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2026ع بيچلرس ۽ ٿرڊ ا...
View Details → 09/16/2025