سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ۾ ايم ايس/ ايم فل پروگرامز 2023ع ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 20 ۽ 21 مارچ تي منعقد ٿيندي، شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم ايس/ ايم فل پروگرامز 2023ع ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 20 ۽ 21 مارچ 2023ع تي منعقد ٿيندي. جاري ڪيل شيڊول موجب بايو انفرميٽڪس، ڪمپيوٽر سائنس، ميٿميٽڪس، ايناليٽيڪل ڪيمسٽري، ان آرگينڪ ڪيمسٽري، آرگينڪ ڪيمسٽري، فزيڪل ڪيمسٽري، فزڪس، فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز، فزيالاجي، جيالاجي، باٽني جي اميدوارن کان 20 مارچ 2023ع تي صبح 9 وڳي ٽيسٽ ورتي ويندي. جڏهن ته جاگرافي، جينڊر اسٽڊيز، انوائرمينٽل سائنسز، اسٽيٽسٽڪس، فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز، بايو ڪيمسٽري، زولاجي، نيوٽريشن اينڊ فوڊ ٽيڪنالاجي، بايو ٽيڪنالاجي، جينيٽڪس، مائيڪرو بائلاجي، اڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، سائيڪالاجي، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ڪرمنالاجي، سوشيالاجي، انٽرنيشنل رليشنز، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، فار ايسٽ ايشيا اسٽڊيز، انگلش لٽريچر، انگلش لنگسٽڪس، سنڌي، مسلم هسٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڊيٽا سائنس، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، ٽيلي ڪميونيڪيشن، اليڪٽرانڪس، فارميسي پريڪٽس، فارماسيوٽڪس، فارماڪالوجي ۽ فارماڪوگنوسي جا اميدوار ساڳي تاريخ تي منجهند هڪ وڳي علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو ۾ انٽري ٽيسٽ ڏيندا، ان کان سواءِ ايجوڪيشن جي اميدوارن کان ساڳئي ڏينهن ۽ وقت تي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي. شيڊول موجب بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس جي ايم فل اميدوارن کان 21 مارچ 2023ع تي صبح 10 وڳي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي عمارت ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي. ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقرر ڪيل وقت کان پهرين پنهنجي لاڳاپيل ٽيسٽ سينٽر تي پهچي وڃن.