سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ وڻڪاري مهم شروع: وائيس چانسلر افتتاح ڪيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئج اينڊ لٽريچر پاران وڻڪار مهم شروع ڪئي ويئي آهي، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو، ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور، پروفيسر ڊاڪٽر طارق حسن عمراڻي، ڊاڪٽر فريده پنهور، ڊاڪٽر ثناءُ الله انصاري، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو، ڊاڪٽر بختاور ابڙو، ڊاڪٽر فيض بروهي، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، سيڪيورٽي آفيسر ڪئمپس ڪاشف علي ناريجو، سيڪيورٽي آفيسر ڪالوني غلام رسول چانڊيو، پلانٽيشن آفيسر منور راڄڙ ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته ملڪ جي ماحولياتي نظام جي بهتريءَ لاءِ وڻڪاري ضروري آهي. هن چيو ته وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم گلوبل وارمنگ جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته وڻڪاري مهم جو آغاز ڪرڻو سولو ڪم آهي، پر ٻوٽن ۾ وڻن ۾ تبديليءَ تائين انهن جي سار سنڀال لهڻ ڏکيو ڪم آهي، تنهنڪري معاشري جي هر فرد جي ذميواري آهي ته هو ٻوٽن جي سار سنڀال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هر شعبي ۾ شاگردن کي هڪ هڪ ٻوٽو پوکي انهن جي سار سنڀال به لهڻ گهرجي. هن چيو ته هر سال سرڪاري توڙي نجي سطح تي مختلف هنڌن تي هزارين ٻوٽا پوکيا ويندا آهن، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪيترائي ٻوٽا پاڻي نه ملڻ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب سڪي ختم ٿي ويندا آهن. وائيس چانسلر چيو ته وڻڪاري هڪ صدقه جاريه آهي، ڇاڪاڻ ته وڻ قيمتي اثاثا آهن. انگريزي شعبي جي شاگردن مان وڻن جي سار سنڀال لهڻ جي اميد ڪريان ٿو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو چيو ته انسٽيٽيوٽ م ٻوٽا پوکڻ لاءِ وڌ کان وڌ شاگردن کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن انسٽيٽيوٽ کي صاف سٿرو ۽ خوبصورت بڻائي سگهجي. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر کي ڪلين ۽ گرين (صاف سٿرو ۽ سرسبز) بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. ان سان اسان سڀني جي صحت بهتر رهندي. بعد ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو ٻوٽا پوکيا، جڏهن ته آءِ اي ايل ايل جي ڊائريڪٽر عبدالفتاح سومرو، ڊاڪٽر طارق حسن عمراڻي ۽ ٻين پڻ ٻوٽا پوکيا. ان کان اڳ افتتاحي تقريب ۾ وائيس چانسلر ۽ ٻين مهمانن کي اجرڪ جي تحفن سان نوازيو