پاڪستان ۾ جنھن به پارٽي جي حڪومت ھجي پر ملڪ جي پاليسين ۾ تسلسل ھجڻ گھرجي، پاڪ-جاپان لاڳاپن کي گڏيل سھڪار سان وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي

 سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر پاران “جاپان - پاڪستان تعلقات: تاريخي جائزو” جي سري هيٺ جاپاني قونصليٽ جنرل ڪراچي ۽ پاڪستان جاپان انٽيلڪٽ فورم جي تعاون سان ھڪ ڏينھن وارو بين الاقوامي سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار ۾ جاپاني قونصليٽ ڪراچي جي ڊپٽي ڪائونسل جنرل ناڪا گاوا ياسوشي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. جڏھن ته جاپاني ٻوليءَ جي ماھر ڊاڪٽر ڪزنوري متصودا، پاڪستان جاپان انٽليڪٽ فورم جي صدر محمد اقبال برما ۽ ايريا اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر غلام مرتضيٰ کوسو سيمينار دوران پنھنجا پنھنجا مقالا پيش ڪيا. سيمينار جي صدارت فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ڪئي. پنھنجي صدارتي تقرير ۾ داڪتر حماد الله ڪاڪيپوٽو چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جا مثالي لاڳاپا رھيا آھن، اھو ئي سبب آهي ته ٻنھي ملڪن جو عوام ھڪٻئي سان پيار ڪري ٿو. ھن چيو ته عوامي سطح تي رابطه مھم وڌائڻ لاءِ جاپاني حڪومت پاڪستانين لاءِ ويزا پاليسيون وڌيڪ نرم ڪري ۽ جاپاني ڪمپنين کي پاڪستان آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ جاپاني قونصليٽ وچ ۾  گڏيل سيمينار ۽ تحقيق توڙي جاپاني ٻوليءَ وارو ٽماھي پروگرام جاري آھن، جن جو وڏو فائدو ٿيو آھي. ھن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان تمام پراڻا دوست آھن، جيڪي اھم ملڪي معاملن تي ھميشھ ھڪٻئي سان گڏ رهيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته جاپان پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن لاءِ پاڪستان کي جاپان جي اقتصادي پاليسين مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. جاپاني قونصليٽ ڪراچي جي ڊپٽي قونصل جنرل ناڪا گاوا ياسوشي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو ايريا اسٽڊي سينٽر پاڪستان ۾ واحد ادارو آهي، جيڪو جاپان سميت اوڀر ايشيا تي ڪم ڪري رهيو آهي. ھن چيو ته پاڪستان  ۽ جاپان ۾ بھترين لاڳاپا آهن، جيڪي ھر وقت بدلجندڙ عالمي صورتحال جي باوجود به ھميشه جيان مضبوط آھن. ھن وڌيڪ چيو ته جاپان پاڪستان جي ھر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي، جيڪا مستقبل ۾ به جاري رھندي. ھن پاڪستان حڪومت کي درخواست ڪندي چيو ته حڪومت ۾ ڪھڙي به پارٽي ھجي پر ملڪ جي پاليسين ۾ تسلسل ھجڻ گھرجي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي تعلقات کي گڏيل تعاون سان وڌيڪ مضبوط بڻائي سگھجي. ايريا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي چيو ته ايريا اسٽڊي سينٽر ۽ جاپاني قونصليٽ جنرل ڪراچي ۾ پراڻا ۽ ويجھا لاڳاپا آھن، ٻنھي ادارن ھڪ ٻئي جي تعاون سان ڪيترائي پروگرام منعقد ڪيا آھن. جاپاني ٻوليءَ جي ماھر ڊاڪٽر ڪزنوري متصودا چيو ته ٻولي ۽ ثقافت ٻن ملڪن جي تعلقات کي مضبوط ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ساڳي نموني جاپاني ٻولي سکڻ سان پاڪستاني شاگردن کي جاپان ۾ تعليم ۽ تحقيق جا موقعا ملي سگھن ٿا، جنھن سان جاپان ۽ پاڪستان وچ ۾ تعلقات وڌيڪ گھرا ٿيندا. محمد اقبال برما چيو ته جاپان ۽ پاڪستان ۾ تمام پراڻا تعلقات آھن، جيڪي لاھن چاڙھن جو شڪار به رھيا آھن پر تنھن جي باوجود ٻنھي ملڪن پنھنجو باھمي تعاون جاري رکيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري جاپان پاڪستان کي تمام اھم ملڪ سمجھي ٿو. غلام مرتضيٰ کوسو چيو ته پاڪستان ۽ جاپان تعلقات تاريخي لحاظ کان تمام گھاٽا ۽ اھم رھيا آھن. جاپان ھڪ اصول پسند ملڪ رھيو آھي، جنھن دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ھميشه مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته جاپان پاڪستان سان ھر ڏکئي وقت تعاون ڪيو آھي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ جاپان پاڪستان جي مدد ڪئي آھي.  تقريب جي آخر ۾ مھمانن ۾ شيلڊون ورھايون ويون. ان موقعي جاپاني ٻوليءَ جو ٽماھي ڪورس پورو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. آخر ۾ ايريا اسٽڊي سينٽر جي ليڪچرر ماجد علي نوناري مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو.