سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موسمي تبديلي ۽ ان جي سماجي اثرن بابت ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهچي ويئي، ڪانفرنس ۾ ڪيتريون ئي سفارشون تيار ڪيون ويون، قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ زرعي پوکيءَ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز پاران “موسمي تبديلي، ان جا سماجي اثر ۽ پاڪستان ۾ 2022ع ۾ آيل ٻوڏ جون تباهڪاريون” جي سري هيٺ منعقد ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهچي ويئي، جنهن ۾ موسمي برساتن ۽ ٻوڏ سميت قدتي آفتن کان بچڻ لاءِ مختلف سفارشون تيار ڪيون ويون. سفارشن موجب جديد زرعي پوکيءَ لاءِ موسمي سمارٽ زراعت جي طريقن کي هارپ فيلڊ اسڪولن جي سيشنز ذريعي پکيڙي سگهجي ٿو، جنھن سان ھارين کي فائدو پھچندو ۽ ھو قدرتي آفتن جي صورت ۾ وڌيڪ تڪليفن کان بچي سگھندا. سفارشن موجب عورتن کي موسمي سمارٽ ايگريڪلچر ٽريننگز ۽ سيشنز ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ھو پڻ مشڪل حالتن جو مقابلو ڪري سگھن ۽ سندن شموليت سان ھارين کي 100 سيڪڙو فائدو ملي سگهي. ماهرن وڌيڪ سفارش ڪئي ته بدلجندڙ آبهوا موسم جي نمونن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پر زراعت جي پوکيءَ جي ڪئلينڊرن (خريف ۽ ربيع لاءِ) تي نظرثاني، عمل ۽ حڪومت کي وڌيڪ خدمتون فراهم ڪرڻ گهرجن. سفارشن موجب زراعت جي طريقن جي تناظر موجب ضلعي سطح تي مقامي موافقت جي ترقيءَ لاءِ صوبائي توڙي ضلعي سطح تي ايڪشن پلان تيار ڪرڻ گهرجي. بهتر ڪم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي وڃي، جنهن ۾ قومي، عالمي، سول سوسائٽي، گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ عطيو ڏيندڙن کي هڪ ئي صفحي تي آندو وڃي. حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جو منصوبو موسمي تبديليءَ جي پاليسيءَ جو حصو هئڻ گهرجي ۽ ان کي ماڻهن تائين پهچايو وڃي. زرعي پوکيءَ ۾ پاڻيءَ جي طريقن جو مؤثر استعمال ڪيو وڃي ته جيئن پاڻيءَ جي استعمال کي گهٽائي سگهجي، جنهن سان اهم فصلن جي پيداوار حاصل  ڪري سگهجي ٿي. موسمي تبديلين سان انساني صحت جي حفاظت لاءِ ڏتڙيل ملڪن جي مدد ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته موسمي تبديليءَ جي صحت لاءِ نقصانڪار اثرن سان منهن ڏيڻ لاءِ قومي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ، صحت جي نظام کي لچڪ ۽ موافقت جي صلاحيت کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. سفارشن موجب موسمي تبديلي ۽ انساني صحت تي صلاحيتن جي تعمير جي ضرورت آهي. موسمي تبديليءَ جي صحت جي خطرن کي گهٽائڻ ۽ ڪاربان خارج ڪري صحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪ هڪ ٻئي جي مدد ڪن. ڪانفرنس جي سفارشن ۾ چيو ويو ته موسمي تبديليءَ پاڪستان جي سنڌ ۽ بلوچ صوبن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب 2022ع ۾ آيل برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ۽ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، تنھن ڪري ٻوڏن جي تباهين کي روڪڻ لاءِ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن تان قبضا هٽائي انهن کي صاف رکيو وڃي ته جيئن ضرورت وقت ٻوڏ جو پاڻي اتان ڪڍي سگھجي. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جو صوبائي سربراهه جيمز اوڪوٿ، ٿائيلينڊ مان آيل پروفيسر پاسانن اساوارڪ، گڏيل قومن جي ايس آءِ ايف جي پاڪستان ۾ مشن جو سربراهه ڊاڪٽر الطاف ابڙو، ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد، ڊاڪٽر مسرت امين، دوست باريچ، منزه امين، ڊاڪٽر منزه ملڪ، پروفيسر خليق الزمان مهيسر، ڊاڪٽر اُم ڪلثوم رند، ڊاڪٽر فوزيه عامر صديقي، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڊاڪٽر فيصل حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ ڪانفرنس جي شروعات پاڪ ڪتاب جي تلاوت سان ٿي، جنهن جي سعادت پروفيسر نظر حسين چانڊيو حاصل ڪئي.