سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19 مئي مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ ماسٽر ڊگري پروگرامز جي شاگردن جي فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19 مئي 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽلر شاگرد فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل وقت تي فيس جمع نه ڪرائيندڙ هاسٽلرن جي الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. پڌرائي موجب چالان جمع ڪرائڻ بعد هاسٽل واري فيس ڪاپي بوائز هاسٽل جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/08/2023
Announcements
1024 x 768
Rs4.87bn water filtration project announced for Sindh University, minister says scheme to ...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے لیے 4.87 ارب روپے کے واٹر فلٹریشن منصو...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ 4.87 ارب روپين جي واٽر فلٽريشن...
View Details → 04/29/2026