سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19 مئي مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ ماسٽر ڊگري پروگرامز جي شاگردن جي فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19 مئي 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽلر شاگرد فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل وقت تي فيس جمع نه ڪرائيندڙ هاسٽلرن جي الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. پڌرائي موجب چالان جمع ڪرائڻ بعد هاسٽل واري فيس ڪاپي بوائز هاسٽل جي اڪيڊمڪ سيڪشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/08/2023
Announcements
1024 x 768
SU celebrates International Human Rights Day with insightful dialogue
View Details → 12/11/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ...
View Details → 12/11/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾...
View Details → 12/10/2025