سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ لاءِ شاگردن جا انٽرويوز 10 مئي کان شروع ٿيندا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ 2023ع لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا انٽرويوز 10 مئي کان منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ سيشن 2023ع لاءِ اهل ۽ حقدار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چونڊ لاءِ انٽرويو 10 کان 18 مئي 2023ع تائين شهيد بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ ورتا ويندا. پڌرائي موجب انٽرويوز لاءِ 2400 اميدوارن کي گهرايو ويو آهي، جن کان وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاران جوڙيل انسٽيٽيوشنل اسڪالرشپ ايوارڊ ڪميٽي انٽرويوز وٺندي. ڊاڪٽر ڄاريڪو اميدوارن کي هدايت ڪئي ته ھو انٽرويو واري ڏينهن اسڪالرشپ فارم ۾ ڄاڻايل سمورا دستاويز پاڻ سان گڏ لازمي کڻي اچن.