سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي پاران پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز 9 مئي تي وٺڻ جو اعلان، اميدوارن کي تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ سميت وقت تي پھچڻ جي صلاح

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز 9 مئي تي وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جن به اميدوارن پي ايڇ ڊي بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، اھي پنھنجن تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ سميت 9 مئي 2023ع تي صبح جو 9 وڳي شعبي ۾ انٽرويو لاءِ پھچي وڃن. ھن اميدوارن کي صلاح ڏني ته ھو وقت جي پابنديءَ جو خاص خيال رکن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/09/2023
Announcements
1024 x 768
علم ۽ شعور جو مرڪز سنڌ يونيورسٽي: 10 هزار کان وڌيڪ ا...
View Details → 10/11/2026
1024 x 768
علم و شعور کا مرکز سندھ یونیورسٹی، 10 ہزار سے زائد Ø...
View Details → 10/11/2026
1024 x 768
10,807 Candidates Appear in University of Sindh’s Second-Phase Pre-Entry Test
View Details → 10/11/2026