سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي اي پاران شهرين جي بجيٽ جي تياريءَ بابت سيمينار، صوبائي ناڻي کاتي جي عملدارن جي بريفنگ، بجيٽ ۾ عام شهريءَ جي حالت بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون طلب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن پاران “شهرين جي بجيٽ جي تياري يا شراڪت داري بجيٽ مالي سال 24-2023ع” جي سري هيٺ هڪ سيمينار آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر طرفان فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو ڪئي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپورخاص جي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ ناڻي واري صوبائي کاتي جي عملدارن اڪنامڪ ريمارز يونٽ جي ڊائريڪٽر محمد افضل چنا جي اڳواڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي جي اڪنامڪ ريفارمز يونٽ جي ڊائريڪٽر محمد افضل چنا سيمينار کي خطاب ڪندي حاضرين کي مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ کي عوام دوست بنائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ هڪ آن لائين سروي فارم ذريعي شاگردن، استادن ۽ ماهرن کان راءِ طلب ڪئي ته ڪهڙي شعبي لاءِ وڌيڪ پئسا بجيٽ ۾ رکرايا وڃن، جنهن سان عام ماڻهوءَ جي حالت بهتر ٿئي. هن چيو ته موجوده مهانگائيءَ جي پيش نظر سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته اهڙي بجيٽ آندي وڃي، جنهن سان عام شهريءَ جا اهنج گهٽجي سگهن ۽ هو خوشحال زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد، محقق، استاد ۽ ٿنڪ ٽئنڪ صوبائي حڪومت جي ان سلسلي ۾ مدد ڪن، جنهن لاءِ وقت........... آن لائين سروي فارم ڀريو وڃي ته جيئن ان فيڊ بيڪ ذريعي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪري ڪرڻ لاءِ رقم مخصوص ڪرائي سگهجي. سيمينار ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو، ڊاڪٽر نظام الدين چنا، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، ڊاڪٽر ماريا شيخ، ڊاڪٽر صائمه ڪامران، ڊاڪٽر صوبيه شفقت شاهه، ڊاڪٽر وشنو پرمار، ڊاڪٽر پارس خواجه کان سواءِ ڪيترائي استاد ۽ شاگردن موجود هئا. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ٻاهران پي ايڇ ڊي ڪري آيل ۽ مالي معاملن تي مهارت رکندڙ استادن جي اڪثريت سبب صوبائي ناڻي کاتي جي ٽيم بجيٽ لاءِ تجويزون ۽ فيڊ بيڪ وٺڻ لاءِ سڀ کان پهريان سنڌ يونيورسٽيءَ جو دؤرو ڪيو. دوري دوران بجيٽ توڙي معاشي معاملن جي ماهر استادن صوبائي سرڪار جي ٽيم کي بهترين مشورا ۽ بجيٽ جي بهتريءَ لاءِ  اهم سفارشون پڻ پيش ڪيون.