سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ وڏي خوشخبري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي صوبائي حڪومت جي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کاتي جي سهڪار سان آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل پروگرام تحٽ پهرئين مرحلي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي 218 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مارڪيٽ جي گهرج پٽاندر خصوصي پيشيوراڻي ڪورسن ۾ داخلا ڏني ويئي آهي. ان سلسلي ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ٻڌايو ته آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪندڙ 218 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪراچي ۽ لاهور مان گهرايل معروف سافٽ ويئر انڊسٽريز جا پيشيور ٽرينر تربيت فراهم ڪندا. هن ٻڌايو ته داخلا وٺندڙ اميدوارن کي في الحال چئن شعبن ايم اِي آر اين اسٽيڪ – بيسڪ (اِي ايس 6 + ري ايڪٽ)، ويب انجنيئرنگ بيسڪ (پي ايڇ پي ڪور ۽ ڪوڊ اگنيٽر)، موبائيل ايپ ڊولپمينٽ-1 (فلٽر) ۽ موبائيل ايپ ڊولپمينٽ – 2 (ري ايڪٽ نيٽو) ۾ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر شيراز ڀٽي آهي، جنهن سان خواهشمند اميدوار ٻئي مرحلي جي داخلائن لاءِ رابطو ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته ڄاڻايل پروگرام سنڌ يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ وڏي خوشخبري آهي.