سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ لاءِ انڊر گريجوئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا انٽرويوز شروع: 350 اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا ويا: مجموعي طور 2800 اميدوار انٽرويوز ڏيندا: وائيس چانسلر طرفان انٽرويوز جو معائنو: شاگردن سان ملاقات

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پاران سال 2023ع لاءِ صوبائي حڪومت جي عشر زڪوات کاتي پاران فراهم ٿيندڙ نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جا انٽرويوز شروع ٿي ويا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿيل انٽرويوز ۾ انٽرويو ڪميٽي پاران گذريل ڏينهن 350 شاگردن ۽ شاگردياڻين جا انٽرويوز ڪيا ويا. مجموعي طور 2800 اميدوارن جا انٽرويوز ٿيندا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو بينظير ڪنوينشن سينٽر جو دورو ڪري انٽرويوز جو جائزو ورتو ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان حال احوال پڻ ورتو. سندس چوڻ هو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا موقعا ميسر ڪرڻ جو مقصد فقط اهو آهي ته هو پنهنجي اعليٰ تعليم مڪمل ڪري سگهن. اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز مان تقريبن 2800 اميدوارن نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، جن جا انٽرويوز اسڪالرشپ ڪميٽيءَ جا ميمبر ڪري رهيا آهن. مين ڪئمپس ۾ انٽرويوز مڪمل ڪرڻ بعد لاڙ ڪئمپس بدين سميت سمورن ڪئمپسز ۾ وڃي انٽرويوز ڪنداسين.