سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايل ايل بي جي سالياني امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ايل ايل بي حصو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون (فيلوئر) جي سالياني امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ايل ايل بي حصو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون (فيلوئر) جي سالياني امتحان 2022ع جا فارم بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 25 مئي 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 26 مئي کان 7 جون تائين 5000 رپيا ليٽ في ۽ 8 جون کان 15 جون 2023ع تائين 10 هزار رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو.