سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾مختلف ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي سائنس، اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي هوم اڪنامڪس، اي ڊي ايجوڪيشن/ بي ايڊ (آنرس)، بي بي اي (آنرس)، بي ايس آءِ ٽي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ اي ڊي سائنس، اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي هوم اڪنامڪس، ايليمينٽري ڪاليجن ۾ اي ڊي ايجوڪيشن/ بي ايڊ (آنرس) ۽ نجي ڪاليجن ۾ 4 سالا بي بي اي (آنرس) (8 سيمسٽر)، بي ايس آءِ ٽي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ داخلائن لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ 26 مئي 2023ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ وڌيڪ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/15/2023
Announcements
1024 x 768
ايڇ اي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائي...
View Details → 08/05/2026
1024 x 768
ڈائریکٹر جنرل ایچ ای سی اور شیخ الجامعہ سندھ کے در...
View Details → 08/05/2026
1024 x 768
HEC DG, SU VC discuss expansion of scholarship opportunities for deserving students, visit...
View Details → 08/05/2026