سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان 25 مئي کان شروع ٿيندا، سينيئر ٽرانسپورٽ آفيسر مختلف روٽن لاءِ پوائنٽ بسون هلائڻ وارو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان 25 مئي کان شروع ٿيندا، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن. هوڏانهن سينيئر ٽرانسپورٽ آفيسر رحمت الله شر 25 مئي 2023ع تي شروع ٿيندڙ پهرئين سيمسٽر جي امتحانن لاءِ مختلف روٽن تي پوائنٽ بسون هلائڻ جو شيڊيول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيئر ٽرانسپورٽ آفيسر رحمت الله شر ڄاڻايو ته ايگريڪلچر ڪامپليڪس، علي پئلس، شاهين ڊيري، الرحمان ڪاٽيجز / حيدرآباد باءِ پاس برج، ڦليلي، لطيف آباد پوڻا پنج، لطيف آباد پوڻا ست، اولڊ ڪئمپس، پاور هائوس، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فيڪلٽي آف لا، ڄامشورو واپڊا ڪالوني، سٽي گيٽ، مارڪيٽ، خدا جي بستي، ڪوٽڙي لطيف چوڪ، ڪوٽڙي ڦاٽڪ/ مسلم ٽائون ۽ ٻين علائقن مان پوائنٽ بسون هلنديون. هن ٻڌايو ته پوائنٽ بسون صبح جو 7 وڳي 5 منٽن تي ڄاڻايل هنڌن تان نڪرنديون، جيڪي 8 وڳي يونيورسٽي پهچنديون. امتحاني ٽائيم ٽيبل تحت رٿيل ٻنهي پيپرن (صبح ۽ منجهند) جا شاگرد ساڳي پوائنٽ استعمال ڪري سگهندا. هن ٻڌايو ته وڌيڪ تفصيلن لاءِ شاگرد يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي وڃي سگهن ٿا.
Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/23/2023
Announcements
1024 x 768
سندھالاجی میں کل کتب میلے کی اختتامی تقریب اور "جد...
View Details → 09/15/2025
1024 x 768
The closing ceremony of the book fair and a lecture on the topic "Importance and Usefulnes...
View Details → 09/15/2025
1024 x 768
سنڌالاجي ۾ سڀاڻي ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ "جد...
View Details → 09/15/2025