سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 جون مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ بيچلر ڊگري پروگرامز جي شاگردن جي فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 جون 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽلن ۾ الاٽمينٽ لاءِ درخواست ڏيندڙ شاگرد فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل وقت تي فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن کي الاٽمينٽ نه ڏني ويندي.