سنڌ يونيورسٽيءَ پاران پنج سالا ايل ايل بي جي ٻئي سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران پنج سالا ايل ايل بي حصو پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون (ريگيولر/ فيلوئر) جي ٻئي سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سيمسٽر  امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پنج سالا ايل ايل بي حصو پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون (ريگيولر ۽ فيلوئر) سالياني امتحان 2022ع جا فارم بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 12 جون 2023ع مقرر ڪئي ويئي، جڏهن ته 13 کان 16 جون 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ  فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو. پڌرائيءَ ۾ واضح ڪيو ويو ته 2021ع بئچ جا ريگيولر ۽ فيلوئر شاگرد آن لائين فارم ڀري سگهن ٿا، جڏهن ته 2020ع بئچ جي فيلوئر اميدوارن کي مينوئل فارم جمع ڪرائڻو پوندو.