سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ايم ڪام، ايم ايس سي ۽ ايم اي (پريويس ۽ فائنل) سالياني امتحان 2021ع جا آن لائين فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري شاهد حسين لاڙڪ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ايم ڪام، ايم ايس سي ۽ ايم اي (پريويس ۽ فائنل) جا آن لائين امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر ڄاڻايو آهي ته ايم ڪام، ايم ايس سي ۽ ايم اي پريويس (فيلوور) ۽ فائنل (فريش ۽ فيلوور) پوسٽ گريجوئيٽ سالياني امتحان 2021 جا فارم سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ تي 15 جون تائين بنا ليٽ فيءَ جي ڀري سگهجي ٿو، جڏهن ته 16 کان 22 جون تائين 5000 رپيا جڏهن ته 23 کان 30 جون تائين 10 هزار رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ٿي سگهندو.