سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 14 جون مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته بوائز هاسٽلن ۾ شاگردن جي فريش الاٽمينٽ 2023ع جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 14 جون 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته هاسٽلن ۾ الاٽمينٽ لاءِ درخواست ڏيندڙ شاگرد فيس جا چالان پنهنجي اِي پورٽل مان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. ڄاڻايل وقت تائين فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن کي الاٽمينٽ نه ڏني ويندي. پڌرائي موجب فيس جمع ڪرائڻ بعد ھڪ ڪاپي ھاسٽل انتظاميا وٽ جمع ڪرائي وڃي.