سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فئڪلٽي آف فارميسي جي اسڪالر امرديپ جي ايم فل جو پهريون سيمينار 6 جون تي منعقد ٿيندو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب فارماسيوٽڪس شعبي جي اسڪالر امرديپ جو پهريون ايم فل سيمينار 6 جون 2023ع تي فئڪلٽي آف فارميسي جي سيمينار روم ۾ منعقد ٿيندو. ان موقعي تي اسڪالر جو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر عبيدالرحمان مغل ۽ معاون سپروائيزر ڊاڪٽر عمران سهرياڻي پڻ موجود هوندا. فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي سمورن استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن کي سيمينار ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/06/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جا سمورا ڪئمپسز 20 کان 22 مارچ تا...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ اور اس کے تمام کیمپسز 20 سے 22 مارچ تک عید...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 03/09/2026