سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ بي ايڊ جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ بي ايڊ جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ اي ڊي اِي/ بي ايڊ حصو پهريون سيمسٽر پهريون (بئچ 2022ع ۽ 2023ع)، حصو ٻيو سيمسٽر ٽيون (بئچ 2021ع)، حصو ٽيون سيمسٽر پنجون (بئچ 2020ع) ۽ حصو چوٿون سيمسٽر ستون (بئچ 2019ع) جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ بنا ليٽ فيءَ جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19 جون 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 20 کان 23 جون تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/06/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ گائڪي جا مقا...
View Details → 09/04/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں سندھی اور اردو زبانوں میں گائیکی ک...
View Details → 09/04/2026
1024 x 768
Sindh University holds bilingual singing competition, Defence Day programme
View Details → 09/04/2026