سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ بي ايڊ جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ بي ايڊ جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ اي ڊي اِي/ بي ايڊ حصو پهريون سيمسٽر پهريون (بئچ 2022ع ۽ 2023ع)، حصو ٻيو سيمسٽر ٽيون (بئچ 2021ع)، حصو ٽيون سيمسٽر پنجون (بئچ 2020ع) ۽ حصو چوٿون سيمسٽر ستون (بئچ 2019ع) جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ بنا ليٽ فيءَ جي امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19 جون 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 20 کان 23 جون تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/06/2023
Announcements
1024 x 768
University of Sindh to Host “Beyond the Social Lens Forum 2026”
View Details → 10/26/2026
1024 x 768
پائيدار ترقي جو پهريون هدف: غربت جو خاتمو: سنڌ يون...
View Details → 10/22/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري طرفان ...
View Details → 10/22/2026