سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري طرفان خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ ڏينهن وارو ميلو منعقد، مقامي کاڌن، مٺائين، مشروبات ۽ هربل دوائن جا اسٽال قائم، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري، نيوٽريشن اينڊ فوڊ سائنس طرفان خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ ڏينهن وارو ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪيو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ اي آر ليب، نذير ليب سميت مختلف هربل ڪمپنين ۽ انڊسٽريز طرفان مقامي کاڌن، کجور، صوفن ۽ ڪيلن سميت مختلف ميون مان تيار ڪيل شگر فري مٺائين، چاڪليٽس، مشروبات، هربل دوائن، ڪتابن، ڪپڙن ، گهرو سجاوٽ جي شين ۽ مفت طبي چڪاس جا 20 کان وڌيڪ اسٽال قائم ڪيا ويا هئا، وائيس چانسلر سڀني اسٽالز جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر افشين شاهه سميت مختلف شعبن جا هيڊز ۽ استاد پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر ان موقعي تي جڙي ٻوٽين جي باغ جي پڻ افتتاح ڪيو ۽ اتي ٻوٽو پوکيو. ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هي ميلو منعقد ڪرڻ جو مقصد کاڌ خوراڪ جي اهميت ، ديسي کاڌن جي افاديت کي اجاڳر ڪرڻ سان گڏ شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جو موقعو فراهم ڪرڻ پڻ آهي ته جيئن اهي مختلف تجربن ذريعي سکيا حاصل ڪن ۽ پنهنجي خوداعتمادي کي وڌائين.هن چيو ته غذائي کوٽ پوري دنيا اندر هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق روزانو تيار ٿيندڙ کاڌي جو 17 سيڪڙو ضايع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته متوازن خوراڪ ۽ بهتر علاج نه ملڻ سبب ماڻهو مختلف بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، خاص ڪري 40 سيڪڙو ٻار قد نه وڌڻ جي بيماري جو شڪار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان متوازن خوراڪ جي لاءِ آگاهي وڌايون، ديسي کاڌن، هربل مصنوعات ڏانهن وڃون ته ڪيترن ئي غذائي ۽ صحت جي مسئلن کان بچي سگهون ٿا. وائيس چانسلر چيو ته اڄوڪي ميلي ۾ جن مختلف هربل ڪمپنين ۽ انڊسٽريز پنهنجا اسٽال قائم ڪيا آهن، ان سان نه رڳو رابطاڪاري کي هٿي ملندي پر شاگردن جي تيار ڪيل مصنوعات کي پڻ ٻاهر مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرڻ جو موقعو ملندو. وائيس چانسلر طرفان ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ طرفان شايع ڪرايل سالياني مئگزين “نيوٽريشن اينڊ لائيف” جي پهرين شماري جي مهورت پڻ ڪئي ۽ ان کي بهترين ڪوشش قرار ڏيندي ڊائريڪٽر ۽ مئگزين جي ايڊيٽر کي مبارڪون ڏنيون. تقريب کي مقررن ڊاڪٽر فدا حسين کوسو، عباس عزيز، محمد نواز جوڻيجو ۽ ٻين خطانب ڪيو ۽ خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي اهميت تي روشني وڌي. انسٽيٽيوٽ طرفان ان موقعي تي مختلف بهترين پروڊڪٽس جي نمائش تي ٽي ڪيش انعام پڻ رکيا ويا هئا، جن ۾ پهرين پوزيشن ڊاڪٽر نجف علي سومرو جي سرواڻي ۾ سندس ٽيم ميمبرن مشا، ريکا ۽ ام حبيبا حاصل ڪئي، ٻي پوزيشن اقرا شيخ حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽين پوزيشن سپروائيزر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا جي سرواڻي ۾ سندس ٽيم ميمبرن عمامه آفتاب، حيا عروج، صدف قمر، فاطمه شڪيل، خضر علي۽ شير محمد حاصل ڪئي، جن کي وائيس چانسلر سندن انعام ڏنو. هن تقريب ۾ زبيري گرلز ڪاليج جي پرنسپال بينظير جوڻيجو پنهنجي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سان گڏ شرڪت ڪئي. هن پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڊاڪٽر عاطف حسين منگي، ڊاڪٽر مهوش چنا ۽ ڊاڪٽر گلزار ڪئي.