پائيدار ترقي جو پهريون هدف: غربت جو خاتمو: سنڌ يونيورسٽي ۾ غربت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب منعقد ، وائيس چانسلر صدارت ڪئي

سنڌ يونيورسٽي سوشل ورڪ شعبي طرفان غربت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي “پائيدار ترقي جو پهريون هدف: غربت جو خاتمو” جي سري هيٺ تقريب منعقد ڪئي، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي، جڏهن ته تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري هو. آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ بيورو آف اسٽيگس جي سهڪار سان منعقد ٿيل هن تقريب جي اعزازي مهمانن ۾ مشهور سماجي ايڪٽوسٽ نور محمد بجير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊپٽي ڊائريڪٽر توفيق چنا هو. ان موقعي تي صدارتي ويچار ونڊيندي وائيس چانسلر چيو ته هڪ خوشحال، پرامن ۽ ترقي يافته سماج جي قيام لاءِ غربت جو خاتمو تمام ضروري آهي، جنهن لاءِ حڪومت، تعليمي ادارا، سماجي تنظيمون ۽ عام شهري گڏيل ڪوششن ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو گڏيل قومن طرفان پائيدار ترقي جا جيڪي 17 هدف مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾پهريون هدف غربت جو خاتمو آهي.  هن چيو ته غربت جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ تعليم جو اهم ڪردار آهي، پر اسان وٽ 85 سيڪڙو نوجوان غربت، شعور جي گهٽتائي، صحيح رهنمائي نه ملڻ سميت مختلف سببن جي ڪري يونيورسٽين تائين نه ٿا پهچي سگهن، صرف 15 سيڪڙو نوجوان يونيورسٽين تائين پهچي سگهن ٿا، جن ۾ نياڻين جو تعداد 3 سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته اسان کي تعليم جي شرح وڌائڻ لاءِ پنهنجو گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، خاص ڪري نياڻين کي وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته حڪومت طرفان غربت جي خاتمي ۽ تعليمي شرح کي وڌائڻ  لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جن ۾ انڪم سپورٽ پروگرام، اسڪالرشپس جا لاتعداد موقعا وغيره شامل آهن، پر صحيح آگاهي ۽ صحيح رهنمائي نه ملڻ ڪري انهن پروگرامن مان جيترو فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو نه پيو ڪيو وڃي. ان لاءِ وڌ ۾ وڌ آگاهي ڦهلائڻ جي گهرج آهي، جنهن حوالي سان هن قسم جا پروگرام وڏي اهميت رکن ٿا. هن تقريب ۾ شريڪ شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان انهن 15 سيڪڙو  خوشنصيبن ۾ شامل آهيو، جن کي يونيورسٽي پهچڻ جو موقعو مليو آهي، توهان جي والدين غربت ۽ مالي مشڪلاتن باوجود توهان کي ان مقصد سان يونيورسٽي موڪليو آهي ته توهان محنت ڪري پنهنجو مستقبل سنواريو، توهان کي پنهنجي والدين جي انهن اميدن جو ڀرم رکڻ لاءِ پنهنجو سمورو ڌيان تعليم تي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته يونيورسٽي جا 4 سال نهايت قيمتي آهن، جن کي سجايو ڪيو وڃي . وائيس چانسلر انتهائي اهم موضوع تي پروگرام منعقد ڪرڻ تي سوشل ورڪ شعبي جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ سوشل ورڪ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد فيصل حيدر شاهه پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي.  تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري چيو ته غربت جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ آبادي ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافو، تعليم ۽ فني مهارتن جي کوٽ، مهانگائي،  روزگار جي موقعن جو محدود هجڻ سميت هڪڙو وڏو سبب ماڻهن جو محنت کان ڪيٻائڻ به آهي. هن چيو ته اسان وٽ اڄ به تعليم جو مقصد سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان آسري ۾ پنهنجو وقت وڃايو وڃي ٿو، جڏهن ته پوري دنيا اندر ان حوالي سان تصور تبديل ٿي ويو آهي. اتي سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي اسڪلز جي بنياد تي مختلف موقعن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته نوجوان پنهنجي ڊگري سان گڏ مختلف مهارتون سکي پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ پوري معاشري جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تان جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ يونيورسٽين جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي  مشهور سماجي ايڪٽوسٽ نور محمد بجير چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ هن وقت پوري دنيا اندر گهڻ طرفيون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جن ۾ سماجي ادارا پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته غربت جي خاتمي سان ئي امن ۽ ترقي ممڪن آهي. توفيق چنا پنهنجي خطاب ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غربت جي شڪار ماڻهن جي ٿيندڙ مدد ۽ حاصل ٿيندڙ مثبت نتيجن تي روشني وڌي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، اجويد احمد ڀٽي پڻ ويچار ونڊيا. آخر ۾ فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام سڀني شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ موضوع جي مناسبت سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/22/2026
Announcements
1024 x 768
پائيدار ترقي جو پهريون هدف: غربت جو خاتمو: سنڌ يون...
View Details → 10/22/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري طرفان ...
View Details → 10/22/2026
1024 x 768
”پائیدار ترقی کا پہلا ہدف: غربت کا خاتمہ“: جامعہ Ø...
View Details → 10/22/2026