شاهه لطيف جي شاعريءَ کي سمجهڻ ڏکيو ڪم آهي، ان تي جديد گهرجن پٽاندر تحقيق ڪرڻ هڪ بهترين عمل آهي، هيءَ تحقيق لطيف جي پيغام کي عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي، انگريزي ۽ پي ايڇ ڊي جي ماهرن توڙي انگريزي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي غير سرڪاري تنظيمن پاران جديد تحقيق جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ انسينٽو ڊسٽريبيوشن تقريب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿي، جنهن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي وائس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته شاهه لطيف کي سمجهڻ ڏکيو آهي ۽ ان تي جديد گهرجن پٽاندر تحقيق ڪرڻ هڪ تمام بهترين عمل آهي. هن يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فراهم ٿيندڙ مختلف سهولتن تي به روشني وڌي. وڊيو لنڪ تي سينٽر آف نالج ڊولپمينٽ پرائيويٽ لميٽيڊ جي سي او باني پريم مٿراڻي چيو ته غير سرڪاري تنظيم سينٽر آف نالج ڊولپمينٽ پرائيويٽ لميٽيڊ پاران عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جا اهي پهلو جيڪي اڄ تائين اجاگر نه ٿي سگهيا هئا، ان تي تحقيق لاءِ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ تحقيقي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جا استاد توڙي شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيا آهن. هن تحقيق تحت شاهه لطيف ايڪسپريمينٽل ليب قائم ڪئي ويئي آهي، جيڪا سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جو حصو آهي. سينٽر آف نالج ڊولپمينٽ جي ڊائريڪٽر آپريشن عبدالستار خشڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي تحقيق ڪرائي ويندي. هي اُهي پهلو هوندا، جيڪي اڃا تائين لڪل آهن. هن چيو ته هن تحقيق ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف تعليمي شعبن انگلش، فائين آرٽس، اسٽيٽسٽڪس، سنڌي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا استاد ۽ شاگرد حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيڻ بعد ان کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو ويندو. هن پروجيڪٽ جي پهرئين مرحلي ۾ انگريزي شعبي جي هڪ ٽيم پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو هو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ انگريزي، سنڌي ۽ پي ايڇ ڊي جي ماهرن پڻ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. عبدالستار خشڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، ان جي موسيقي ۽ روحانيت وغيره تي تمام گهڻي تحقيق ٿي چڪي آهي، پر ڪافي شيون اڃا تائين لڪل آهن، جن کي نروار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ هي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن پراجيڪٽ ۾ پروفيسر، ليڪچرر توڙي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تمام ڳوڙهائي سان شاهه لطيف جي شاعريءَ جي هر پهلوءَ تي تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ تحقيق مڪمل ٿيڻ تي ان جون سموريون سفارشون عالمي سطح تي آنديون وينديون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر تانيا مشتاق، شاهه لطيف جي شاعري ۽ موسيقي تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انگريزي شعبي ۾ پهريون پراجيڪٽ مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته اڄ ٻيو مرحلو انگريزي، سنڌي ۽ پي ايڇ ڊي ماهرن مڪمل ڪيو آهي. تقريب جي آخر ۾ وائس چانسلر ۽ ٻين مهمانن ڪامياب استادن توڙي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انسينٽوز ورهايا.