سنڌ يونيورسٽيءَ جي 325 شاگردن، شاگردياڻين ۽ اسڪالرن کي زڪوات ۽ عشر ڪميٽيءَ طرفان فراهم ڪيل هڪ ڪروڙ 12 لک رپين جي اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو 325 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نيڊ ڪم ميرٽ جا اسڪالرشپ چيڪ ڏنا، جڏهن ته فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ ايم فل ڪندڙ والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ ٻن اسڪالرن کي وفاقي حڪومت پاران موڪليل 3-3 لک رپين جا چيڪ پڻ ڏنا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب سنڌ يونيورسٽيءَ جي محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿي. اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو پاران منعقد ڪيل چيڪ ورهائڻ واري تقريب جي صدارت وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو ڪئي، جنهن ۾ ضلعي ڄامشورو جي عشر ۽ زڪوات ڪميٽيءَ جي چيئرمين محمد صالح راهپوٽو، ڊاڪٽر نجمه نواز چنا، ڊاڪٽر تانيه مشتاق، پروفيسر برڪت علي ٻگهيو، سيڪيورٽي آفيسر غلام رسول چانڊيو، محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر جي ايڊمنسٽريٽر ممتاز پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وائيس چانسلر سڀ کان اڳ والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ ايجوڪيشن ۾ ايم فل ڪندڙ اسڪالر نزهت سليم ۽ اسد احمد کي وفاقي حڪومت پاران موڪليل 3-3 لک رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ڏنا، جنهن بعد 325 بيچلر ۽ ايم فل اسڪالرن ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙو 12 لک رپين جي اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا. رقم صوبائي وزارت عشر ۽ زڪوات پاران فراهم ڪئي ويئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته صوبائي وزارت عشر ۽ زڪوات پاران هڪ ڪروڙ 12 لک رپيا اسڪالرشپ جي مد ۾ مليا ته درخواستون گهرايون ويون. 2612 بيچلر شاگردن ۽ 35ايم فل اسڪالرن سميت مجموعي طور 2649 اميدوارن درخواستون ڏنيون. انٽرويوز ۾ مجموعي طور 1847 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن جا انٽرويوز مڪمل ڪرڻ بعد پروفيسرن تي مشتمل ڪميٽيءَ 325 اميدوارن کي مستحق قرار ڏيئي کين اسڪالرشپ جي رقم ڏيڻ جي سفارش ڪئي، جنهن تي کين وائيس چانسلر اڄ تقريب ۾ چيڪ ڏنا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڄامشورو ضلعي جي زڪوات عشر ڪميٽيءَ جي چيئرمين محمد صالح راهپوٽو چيو ته چيئرمين طور اڄ سندس آخري ڏينهن آهي ۽ هو اڄوڪي تقريب ۾ اچڻ نه پيو چاهي، پر وائيس چانسلر جي دعوت تي هن انڪار نه ڪيو ۽ تقريب ۾ شريڪ ٿيو. هن چيو ته ڄامشوري جي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊڻ بعد زڪوات ۽ عشر ڪميٽيءَ جي چيئرمين طور هن ٻيو مدو نه ورتو، نه ته غريب عوام جي اصل خدمت هن پوسٽ تي رهي هو بهتر ڪري پيو  سگهي. هن چيو ته غريبن کي ملندڙ رقم لاءِ بايو مئٽرڪ کي لازمي قرار ڏنو ويو ته جيئن ڪو سندن پئسا هڙپ نه ڪري سگهي. هن چيو ته هو سرهو ٿي چيئرمين شپ جو عهدو ڇڏي وڃي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ضمير مطمئن آهي ته هن ڪئنسر اسپتال نمرا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حقدار شاگردن ۽ شاگردياڻين تائين درست، شفاف ۽ ميرٽ تي اسڪالرشپ جون رقمون ڏنيون ۽ هن عشر زڪوات جو هڪ رپيو به هيڏي هوڏي نه ڪيو آهي. ان کان اڳ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو خطاب ڪندي اسڪالرشپ جي ورهاست ۽ چونڊ مرحلي بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو.