سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين سنڌ حڪومت ۽ هزا انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميا برج پروگرام شروع ڪري ڇڏيو، پهرئين مرحلي ۾ ٽئين ۽ آخري سال جي 60 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا ڏني ويئي

 سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين سنڌ حڪومت جي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ هزا انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي سهڪار سان آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميا برج پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان اڪيڊميا ۽ متحرڪ ٽيڪنالاجي شعبي وچ ۾ فرق جو خاتمو اچي ويندو ۽ سنڌ يونيورسٽي آءِ ٽي انڊسٽريز کي اعليٰ مهارتون رکندڙ مين پاور مهيا ڪندي. آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميا برج (آءِ اي بي) پروگرام جي اهتمام هيٺ ڪمپيوٽر سائنس ۾ تعليم پرائيندڙ ٽئين ۽ آخري سالن جي 60 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چونڊ ڪري کين خصوصي پيشيوراڻي ڪورسز ۾ داخلائون ڏنيون ويون آهن. ڄاڻايل ڪورسز مارڪيٽ جي مسلسل بدلجندڙ گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل جديد ڪورسز کي پڙهائڻ لاءِ لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ واقع سافٽ ويئر انڊسٽري جا پهرين صف ۾ موجود اعليٰ قابليت رکندڙ ۽ تجربيڪار ٽرينرز گهرايا ويا آهن. هن پروگرام لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ ڪورس پيش ڪندڙ جامع نصاب منتخب ڪيو ويو آهي، جن ۾ ايم اِي آر اين اسٽئڪ – بيسڪ (اِي ايس 6 + آر اِي اي سي ٽي)، ويب انجنيئرنگ بيسڪ (پي ايڇ پي ڪور اينڊ ڪوڊ اگنائيٽر) شامل آهن. ڄاڻايل ڪورسز جو باقاعدي افتتاح لاڙ ڪئمپس ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ ڪيو ويو، جنهن جي صدارت پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر محمد، ڊاڪٽر خليل الرحمان ڀٽي، ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو ۽ پروگرام جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ڪرشن ڪمار لوهاڻو پڻ موجود هئا. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ پي وي سي ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته هو هن پروگرام ۾ فعال طور شامل ٿين ۽ شروع ڪرايل هن منفرد تربيتي پروگرام جي موقعي مان فائدو وٺن. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجيز تي مشتمل هن پروگرام تي مڪمل ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل پروگرام شاگردن کي ٽيڪنالاجيءَ جي هر روز اڀرندڙ دنيا ۾ ڪامياب ڪندو ۽ کين زبردست فائدو ڏيندو.