سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز پاران خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو: ننڍيون مڇيون واپرائي خوراڪ جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز پاران خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري چيو ته پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ موجود انساني خوراڪ مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ جي ضرورت آھي. هن چيو ته شاگرد ڊپارٽمينٽ جا سفير آهن، عوام کي پاڻيءَ جي اهميت ۽ ان ۾ موجود قدرتي خوراڪ جي ذخيرن بابت آگاهه ڪرڻ سندن فرض آهي. ھن چيو ته پاڻي ۾ مڇي جا مختلف قسم موجود آھن، جيڪي انساني خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگھن ٿا. پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ جي وڌندڙ مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ننڍڙين مڇين کي خوراڪ طور استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن شاگردن کي فشريز ٽيڪنالاجي جي جديد لاڙن کي اپنائڻ جي ترغيب ڏني ته جيئن مڇين جي وڌيڪ قسمن جي پيداوار ممڪن بڻائي سگهجي. ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري چيو ته سڄي دنيا ۾ 70 سيڪڙو پاڻي موجود آهي، جڏهن ته اهي آبي وسيلا اسان جي خوراڪ جا وڏا ذريعا آهن. آبي وسيلن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي. ڊاڪٽر برادي وارياڻي چيو ته اسان سڀني جو فرض بڻجي ٿو ته پاڻيءَ کي گدلاڻ کان پاڪ ڪريون ۽ ان کي گدلو ٿيڻ کان بچايون. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمد يونس لغاري غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ آبي وسيلن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف آگاهي ۽ امدادي سرگرمين ذريعي بک ۽ بدحالي خلاف مهم هلائڻ تي زور ڀريو. هن سنڌو درياهه تي ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي گدلاڻ کان بچائڻ تي پڻ زور ڀريو. تقريب ۾ استادن، اسڪالرن، پاڻي ماهرن توڙي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.