سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2024ع تحت مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پهرئين مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، 1730 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 9240 اميدوارن جي شرڪت:

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز جي 70 کان وڌيڪ شعبن ۾ داخلائن لاءِ پھرين مرحلي ۾ پري انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 1730 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 9240 اميدوارن حصو ورتو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ پاڻ نگراني ڪئي. هن مختلف ڪميٽين پاران ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وائيس چانسيلر جي دوري دوران سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جو پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاھ، رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل، ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ذوالفقار علي زيدي، امر سنڌو، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ساجد قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر تانيه مشتاق ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. انٽري ٽيسٽ صبح جو ڏهين وڳي شروع ٿي، جيڪا 90 منٽ (ڏيڍ ڪلاڪ) جاري رهي. انٽري ٽيسٽ لاءِ 1730 شاگردياڻين لاءِ بايو ڪيمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 7510 شاگردن لاءِ آرٽس فئڪلٽي، ماس ڪميونيڪيشن، زولاجي، ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري ۽ فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ امتحاني هال قائم ڪيا ويا. انٽري ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي دوران  سنڌ جي 16 ضلعن دادو، لاڙڪاڻو، قمبر-شھدادڪوٽ، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، سکر، خيرپور، نوشھروفيروز، شھيد بينظيرآباد، سانگھڙ، ڪراچي، ٿرپارڪر، ٺٽو ۽ سجاول کان علاوه پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواه ۽ گلگت بلتستان صوبن جي اميدوارن حصو ورتو. انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي ٽيسٽ ۾ 1730 شاگردياڻيون ۽ 7510 شاگرد ٽيسٽ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جن جو مجموعي انگ 9240 آهي. ھن چيو ته بھترين حڪمت عملي سبب ٽيسٽ پرامن طريقي سان ٿي ويئي آھي ۽ ڪو معمولي واقعو به پيش نه آيو، الله پاڪ جو شڪر آھي. ھن چيو ته ٻن مرحلن ۾ ٽيسٽ منعقد ڪرڻ سان خرچن ۾ گھٽتائي اچڻ سميت اميدوارن کي گھڻي رش ٿي وڃڻ سبب پريشانيءَ کان به بچڻ جو موقعو مليو. ھن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھيل وڌيڪ اميدوارن داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، جيڪو حقيقت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وڌندڙ ساک تي اعتماد جو اظھار آھي. ھن چيو ته اميدوارن کي جوڳيون سهولتون فراھم ڪيون ويون آهن، تعليمي سال 2024ع کان 4 نوان تعليمي شعبا شروع ڪيا آھن، جڏھن ته ايل ايل بي مين ڪئمپس تي پڻ شروع ڪيو آھي. ھوڏانهن انٽري ٽيسٽ دؤران ماس ڪميونيڪيشن، آرٽس فئڪلٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر سميت مختلف امتحاني مرڪزن ۾ عارضي ميڊيڪل ڊسپينسريون به قائم ڪيون ويون ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمبولينس جو به اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي جو به جوڳو بندوبست ڪيو ويو ۽ اميدوارن کي ٽيسٽ دؤران انتهائي دوستاڻو ۽ پرامن ماحول فراهم ڪيو ويو. ڪنٽرول روم ڊين سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب مرحليوار ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ساڳئي ڏينهن جاري ڪيا ويندا. ٻئي طرف اميدوارن سان گڏ ايندڙ سندن والدين (مردن لاءِ) فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۽ عورتن لاءِ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ۾ ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو. کين پيئڻ لاءِ منرل واٽر جون بوتلون پڻ ڏنيون ويون. ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي به پيئڻ جي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ بال پينون پڻ ڏنيون ويون. اميدوارن سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران پري انٽري ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سيڪيورٽي سميت سموري نظم ضبط ۽ امتحاني نظام جي ساراهه ڪئي. واضح رهي پوائنٽ بسون حيدرآباد مان ٽائيم تي هلايون ويون، جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو انتظام اسٽيشن روڊ، شاگردن لاءِ سنڌالاجي گيٽ ۽ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو گيٽ باب الاسلام رکيو ويو. ٻئي مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ 29 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندي. مجموعي طور تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلرز ڊگري پروگرام جي مختلف تعليمي شعبن ۾ داخلائن لاءِ 5471 شاگردياڻين ۽ 17528 شاگردن سميت ڪل 24118 اميدوارن درخواستون ڏنيون، جن ۾ سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس لاءِ بيچلرس ڊگري پروگرام جي 72 کان وڌيڪ تعليمي شعبن ۾ داخلائن لاءِ 4906 شاگردياڻين ۽ 14366 شاگردن سميت مجموعي طور 19272شامل آهن. جڏھن ته مادرعلمي جي مختلف ڪئمپسز ۾ داخلائن لاءِ  565 شاگردياڻين ۽ 1481 شاگردن سميت مجموعي طور 2046 اميدوارن فارم ڀرايا. سمورن ڪئمپسز جي بيچلرس پروگرام جي اميدوارن کان انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي دوران 29 آڪٽوبر تي سندن ڪئمپسز ۾ ورتي ويندي. اهڙا اميدوار جيڪي انٽري ٽيسٽ جي پهرين مرحلي ۾ ڪنهن به مجبوري سبب شرڪت نه ڪري سگهيا ته اهي هڪ درخواست ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز ۾ جمع ڪرائين، کين ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي ۾ موقعو فراهم ڪيو ويندو. ڊائريڪٽر ايڊميشنز موجب ٻئي مرحلي واري ٽيسٽ ۾ مجموعي طور 3741 شاگردياڻين سميت 12078 کان وڌيڪ اميدوار شرڪت ڪندا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلرس ڊگري پروگرامن کانسواءِ بي ايس ٿرڊ ايئر پروگرام ۾ داخلائن لاءِ 1119 شاگردياڻين ۽ 1681 شاگردن سميت مجموعي طور 2800 اميدوارن آن لائن درخواستون ڏنيون. تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر توڙي  بي ايس ٿرڊ ايئر يعني ماسٽرز ۾ داخلائن لاءِ 6590 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 24118 اميدوارن آن لائن درخواستون جمع ڪرايون.  بي ايس ٿرڊ ايئر ۾ داخلائن لاءِ يونيورسٽي جي مختلف شھرن ۾ واقع ڪئمپسز لاءِ 50 شاگردياڻين ۽ 110 شاگردن سميت ڪل 160 اميدوارن فارم ڀرايا. بي ايس ٿرڊ ايئر ۾ داخلائن لاءِ ڪابه انٽري ٽيسٽ نه ٿيندي.