گڏيل قومن جي ڏهاڙي تي “گڏيل قومن لاءِ هڪ پيغام” جي سري هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار، مقررن طرفان غزه جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار؛ اسرائيلي فوج جي جارحيت ترت روڪرائڻ ۽ معصوم فلسطينين تائين امداد پهچائڻ جو مطالبو

 گڏيل قومن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز پاران “گڏيل قومن لاءِ هڪ پيغام” جي سري هيٺ منعقد ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن غزه جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي عالمي برادريءَ تي اسرائيل کي فلسطينين مٿان وڌيڪ حملن کي ترت روڪڻ تي زور ڀريو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي فوج جي حملن ۾ بي گهر ٿيل فلسطيني عورتن، ٻارن ۽ پيرسن ماڻهن کي فوري طور کاڌ خوراڪ ۽ طبي امداد ڏياري وڃي. هنن چيو ته معصوم فلسطينين مٿان اسرائيل ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين مٿان ڀارتي فوج جا جاري ظلم ناقابل برداشت آهن. گڏيل قومن کي پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه هتي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ آءِ آر شعبي پاران نيلسن منڊيلا هال ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جو ڪردار نظرانداز نٿو ڪري سگهجي پر فلسطين ۾ اسرائيل جي جيڪا بربريت جاري آهي، ان جي خاتمي لاءِ به ان کي مؤثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ٻه اهڙا علائقا آهن، جتي ترتيبوار ڀارتي ۽ اسرائيلي فوج جي اڳرائي ۽ هٺ ڌرمي مسلسل جاري رهي ٿي، ٻنهي خطن ۾ رهندڙ معصوم عوام کي اسرائيل ۽ ڀارتي فوجي جي ڪاررواين کان مستقل ڇوٽڪارو ڏيارڻو پوندو. هن چيو ته اسرائيل کي اقوام متحده ۾ ويٽو پاور رکندڙ ڪجهه ملڪن جي پٺڀرائي حاصل آهي. گڏيل قومن جي فوڊ اينڊايگريڪلچر آرگنائيزيشن (خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري) سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر جيمز اوڪوٺ چيو ته سنڌ خاص طور سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ هو تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نوڪرين پٺيان لڳي وڃڻ بدران گڏيل قومن جي مختلف منصوبن لاءِ ڪم شروع ڪن ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارين ته کين سندن مرضيءَ جي پگهار تي مقرر ڪري سگهجي ٿو. بهترين نوڪرين لاءِ لاڳاپيل شعبن ۾ مهارتون رکندڙ ماڻهن جي ضرورت آهي، تنهنڪري نوجوان پنهنجيون مهارتون وڌائين ۽ مسلسل محنت ڪن. هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. نوجوان تحقيق ڪري موسمياتي تبديلين بابت ڪو خاطرخواهه حل ٻڌائين ته کين عالمي سطح تي وڌيڪ بهترين موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اڄ جي نوجوانن کي ڪالهه جي نوجوانن کان وڌيڪ متحرڪ رهڻو پوندو ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ملندڙ تعليمي موقعن کي بامعنيٰ روزگار جي ذريعن ۾ بدلائڻو پوندو. جيمز اوڪوٺ وڌيڪ چيو ته ڪجهه ملڪن ۾ غذائيت جي کوٽ جو مطلب کاڌ خوراڪ ۾ گهٽتائي هرگز ناهي، پر ان جو ملطب صحتمند خوراڪ جي ڪمي آهي، جنهن تي به نوجوان بهتر انداز ۾ ڪم ڪري گڏيل قومن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته نوجوانن کي محب وطن پاڪستاني ٿيڻ لاءِ نوڪريون ملڻ کان اڳ ئي معاشري ۾ بهترين تبديليءَ لاءِ کين ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي چيئر پرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي چيو ته 24 آڪٽوبر 1945ع دنيا جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، جڏهن اقوام متحده وجود ۾ آئي ۽ وقت سان گڏ اها وڏي عالمي اداري طور سامهون آئي آهي. هن چيو ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ريڊار تي 7 آڪٽوبر تي پهتي، پر مايوسي ان ڳالهه تي ٿي ته جنگبنديءَ جي حوالي سان 15 ميمبر ملڪن پاران ٺهراءُ رد ڪيو ويو. هن چيو ته معصوم فلسطينين لاءِ پنهنجي ڌرتي دوزخ بڻيل آهي. هن مطالبو ڪيو ته انساني حقن بابت قانون تي عمل ڪندي اسرائيلي فوج کي غزه ۽ فلسطين جي ٻين علائقن تي جاري ڪارروائين کان ترت روڪيو وڃي. سيمينار ۾ آءِ آر شعبي جي ٽئين ۽ چوٿين سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين محمد قاسم، ماهم هشمت، دعا جبار راجپوت، سعديه ميمڻ ۽ ٻين گڏيل قومن جي وجود، ڪردار، ويٽو پاور وارن 5 ئي ملڪن جي رويي ۽ ٻين معاملن جو تنقيدي جائزو ورتو ۽ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي چونڊ ۾ شفافيت جو عنصر گهٽ هوندو آهي. فلسطين ۽ ڪشمير ۾ اسرائيلي ۽ ڀارتي فوج پاران معصوم شهرين جي نسل ڪشي تي گڏيل قومن جو ڪردار واضح نظر نٿو اچي. هنن چيو ته گڏيل قومن جي 5 ميمبر ملڪن کي مليل ويٽو پاور حقيقت ۾ غير جمهوري اختيار آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيمينار ۾ ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊاڪٽر شهبان سهتو، ڊاڪٽر علي خان گهمرو، ڊاڪٽر محمد صديق، ڊاڪٽر فاروق لغاري، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.