سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سپرنٽينڊنٽ فياض احمد لغاري رٽائر ٿي ويو: سنڌي ڊپارٽمينٽ ۽ آفيسرن پاران سندس مان ۾ الڳ الڳ الوداعي تقريبون، ايوارڊ، گلدستا ۽ اجرڪن جا تحفا پيش

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي شعبي ۾ سپرنٽينڊنٽ طور فرض سرانجام ڏيندڙ فياض احمد لغاري يونيورسٽي سروس مان رٽائر ٿي ويو آھي، سندس مان ۾ سنڌي شعبي جي اسٽاف ۽ آفيسرن الڳ الڳ تقريبون پڻ منعقد ڪيون، جنهن دوران يونيورسٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتن تي کيس ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. سنڌي شعبي جي سپرنٽينڊنٽ فياض احمد لغاري 1986ع ۾ ڪلارڪ طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ مسلسل 38 سالن تائين نوڪري ڪئي. فياض احمد مختلف ترقيون ماڻيندي 17 گريڊ ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو، جنهن بعد گذريل ڏينهن زندگيءَ جون 60 بهارون مڪمل ڪرڻ تي يونيورسٽيءَ جي سروس مان رٽائر ٿي ويو آهي. سندس رٽائرمينٽ واري ڏينهن سنڌي شعبي ۽ يونيورسٽيءَ جي آفيسرن ٻه الڳ الڳ الوداعي تقريبون منعقد ڪيون، جنهن دوران کيس يونيورسٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتن تي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. تقريب ۾ سنڌي شعبي جي استادن ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر شازيا پتافي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر ريحانا نذير ملاح، ڊاڪٽر فياض لطيف، انجنيئر سجاد حسين شاهه، پير بخش بجير، منظور پنهور، ابراهيم ميرجت، افتخار ناريجو، شاهد ڀٽي، انور علي لاشاري، عبدالحڪيم سميجو، راشد علي لاڙڪ، قربان علي سهارڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سندس ساٿي ملازمن جو چوڻ هو ته فياض احمد لغاري گهٽ ڳالهائڻو ۽ فرشتو صفت انسان آهي، جنهن سڄي سروس دوران ڪنهن سان تيز آواز ۾ به نه ڳالهايو ھوندو. تقريب ۾ کيس يادگار شيلڊ سان نوازيو ويو، گلدستا آڇيا ويا ۽ کيس اجرڪن جا خوبصورت  تحفا ڏنا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي فياض احمد لغاري چيو ته هو سڀني دوستن جو ٿورائتو آهي، جن کيس بي پناهه محبتون ارپيون آهن. هن چيو ته خوشنصيب آهيان جو 38 سال يونيورسٽي سروس جا مڪمل ڪري خيريت سان رٽائر ٿيو آهيان.