سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو، 3200 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 10 ھزار کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت، مختلف ڪئمپسز ۾ 2054 اميدوار ٽيسٽ ۾ ويٺا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلرز ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ پري انٽري ٽيسٽ منعقد  ٿي، جنھن ۾ مجموعي طور 3751 شاگردياڻين سميت 12096 اميدوارن شرڪت ڪئي. ٽيسٽ ھڪ ئي وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي لاڙڪاڻي، نوشهروفيروز، بدين، دادو، ٺٽو ۽ ميرپورخاص ڪئمپسز ۾ ورتي وئي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻئي مرحلي ۾ 3186 شاگردياڻين ۽ 6863 شاگردن سميت مجموعي طور 10049 اميدوارن پري انٽري ٽيسٽ ڏني. ٻئي مرحلي ۾ مين ڪئمپس تي ڄامشورو، حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالھيار، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ ٻين صوبن جي اميدوارن ٽيسٽ ۾ بھرو ورتو ۽ داخلائن لاءِ پنھنجي قسمت آزمائي. مين ڪئمپس تي ٿيل انٽري ٽيسٽ ۾ انھن اميدوارن کي به ويھڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪي ڪنھن به سبب جي ڪري پھرئين مرحلي ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگھيا ھئا. انٽري ٽيسٽ دوران وائيس چانسيلر پروفيسر ميريٽوريس ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو ڪئمپس تي موجود رھيو، جنھن مختلف امتحاني ھالن ۾ وڃي ٽيسٽ واري عمل جو جائزو ورتو. ساڻس گڏ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، انسپيڪٽر ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي زيدي، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، عبدالمجيد پنھور، ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي ۽ ٻيا موجود ھئا. وائيس چانسلر کان سواءِ مختلف ڪميٽين جا ڪنوينر پڻ متحرڪ رھيا ۽ امتحاني عمل جو جائزو وٺندا رھيا. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالھائيندي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو چيو ته ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو به شفاف نموني مڪمل ٿي ويو آھي ۽ اھو سڄو ٽيم ورڪ جو نتيجو آھي. ھن چيو ته مين ڪئمپس تي گذريل ڀيري 9 ھزار اميدوارن انٽري ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته ھن دفعي 10 ھزار کان وڌيڪ اميدوارن خوشگوار ماحول ۾ ٽيسٽ ڏني. شاگردن لاءِ الڳ ۽ شاگردياڻين لاءِ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏھن ته يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سندن روٽ پڻ الڳ رکيا ويا. ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيل ھئا، يونيورسٽي جي سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ پوليس جي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي، جڏھن ته ايمبولينسز پڻ بيھاريون ويون، گڏوگڏ والنٽئر شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ھوڏانھن سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس ۾ 139 شاگردياڻين سميت ڪل 513، نوشهروفيروز ڪئمپس ۾ 17 شاگردياڻين سميت ڪل 74، ٺٽي ڪئمپس ۾ 25 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 100، دادو ڪئمپس ۾ 126 شاگردياڻين سميت ڪل 458، ميرپور خاص ڪئمپس ۾ 134 شاگردياڻين سميت ڪل 471 ۽ لاڙ ڪئمپس بدين ۾ 124 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 431 اميدوارن پري انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. مختلف ڪئمپسز ۾ لاڳاپيل فوڪل پرسنز ۽ پي وي سيز ٽيسٽ انتظامن جي نگراني پاڻ ڪئي، جڏھن ته دادو ڪئمپس ۾ شفاف انداز ۾ ٽيسٽ منعقد ڪرائڻ جي ذميواري مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه کي سونپي ويئي، جنھن احسن طريقي سان ٽيسٽ منعقد ڪرائي. واضح رھي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ بيچلر ڊگري پروگرامز لاءِ انٽري ٽيسٽ جي ٻنھي مرحلن ۾ مجموعي طور 5511 شاگردياڻين سميت ڪل 21327 اميدوار انٽري ٽيسٽ ۾ ويٺا. ھوڏانھن بي ايس ٽئين سال لاءِ 1117 شاگردياڻين ۽ 1672 شاگردن سميت مجموعي طور 2789 اميدوارن داخلائن لاءِ آن لائن فارم جمع ڪرايا، جن کي انٽري ٽيسٽ کان آجو قرار ڏنو ويو. انٽري ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران ڪيل انتظامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٽيسٽ دوران کين ڪابه تڪليف نه ٿي ۽ سڀ ڪجھه ھڪ نظام تحت ھو، جڏھن ته پيپر پڻ وقت تي شروع ٿيو. واضح رھي ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران مين ڪئمپس توڙي ڪئمپسز ۾ ٽيسٽ جو اھتمام ڪيو، ٽيسٽنگ سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو ٽيسٽنگ پراسيس دوران پاڻ مين ڪئمپس تي موجود رھيو ۽ ھو فون تي ڪئمپسز جي فوڪل پرسنز ۽ پرو وائيس چانسيلرز سان مسلسل رابطي ۾ رھيو.