سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز ۾ مئنجيمينٽ انفارميشن سسٽم متعارف، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو: ايم آءِ ايس تعليمي ادارن ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ دنيا ۾ انهن قومن جو مستقبل روشن هوندو، جن وٽ ڊيٽا موجود ۽ محفوظ هوندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ اهڙي جديد دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز ۾ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايم آءِ ايس) متعارف ڪرائڻ سان داخلائن جو سمورو نظام انتهائي آسان ۽ رڪارڊ محفوظ ٿيڻ سان گڏ هڪ ڪلڪ تي دستياب هوندو. ايم آءِ ايس ذريعي محفوظ ڪيل ڊيٽا ۽ معلومات مادر علمي کي مناسب فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڇاڪاڻ ته ڊيٽا هر وقت موجود هوندي ۽ شاگردن جي امتحاني ڪارڪردگي ۽ فيس وغيره جمع ڪرائڻ بابت ڄاڻ هڪ ڪلڪ سان مهيا ٿي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز ۾ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايم آءِ ايس) جي افتتاح بعد مختلف تعليمي ۽ انتظامي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو. وي سي ڊاڪٽر ڪلهوڙو ربن ڪاٽي ايم آءِ ايس جو باضابطه افتتاح ڪيو ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز جا مختلف شعبا گهمي ڏٺا. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ايم آءِ ايس متعارف ڪرائڻ بعد داخلائن جو سمورو نظام آسان ٿي ويندو، جنهن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي معلومات کي وڌيڪ محفوظ ڪيو ويندو، جڏهن ته ڊيٽا منظم طريقي سان يونيورسٽيءَ جي سسٽم ۾ موجود رهندي. هن چيو ته ايم آءِ ايس هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جنهن سان مختلف شعبن ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪلاسن ۾ حاضري، امتحاني نتيجن جا گريڊ ۽ اسيسمينٽ وارو عمل سينٽرلائيز ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ايم آءِ ايس تعليمي ادارن ۾ ڪرنگهي وانگر ڪم ڪري ٿو، چاهي شاگردن جي اسيسمينٽ هجي، داخلائن جون فهرستون هجن، فيس جو انتظام هجي، حاضري يا امتحان بابت رپورٽرون هجن، معلوماتي نظام هڪ ڪلڪ سان هر اها ڊيٽا فراهم ڪري سگهي ٿو، جنهن جي ضرورت هجي. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي، شاهد حسين لاڙڪ، محمد معشوق صديقي، اميد علي رند، ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، افتخار ناريجو، عبدالمجيد پنهور، فيصل مغل، جان عالم سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.