سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي ۾ جينومڪس ۽ بايو انفارميٽڪس جي سري هيٺ ورڪشاپ، ماهرن پاران اسڪالرن کي ڄاڻايل شعبن بابت جديد ڄاڻ فراهم ڪئي ويئي:
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي پاران جينومڪس ۽ بايو انفارميٽڪس جي سري هيٺ هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بائلاجيڪل سائنسز، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۽ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاهه مان استادن ۽ ايم فل توڙي پي ايڇ ڊي اسڪالرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي جي چئن استادن ڊاڪٽر بشريٰ پاٽولي، ڊاڪٽر عاطف پاٽولي، ڊاڪٽر نمرتا ڪماري ۽ ڊاڪٽر شگفته جبين منعقد ڪيو. ورڪشاپ ۾ لائيف سائنس سان واڳيل پروفيسر ڊاڪٽر محمد ڪامران عظيم شرڪت ڪندڙن کي جينومڪس ۽ بايو انفارميٽڪس بابت جديد ڄاڻ فراهم ڪئي ۽ چيو ته بايو انفارميٽڪس جي شعبي ۾ سڄي دنيا ۾ 170 کان وڌيڪ قسمن جا سافٽ ويئر استعمال ڪيا پيا وڃن، پر پاڪستان ۾ صرف 3 سافٽ ويئر موجود آهن. هن شاگردن، اسڪالرن، ليبارٽري ٽيڪنيشنز ۽ محققن کي وڌ کان وڌ بايو انفارميٽڪس جي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي کي ميڊيڪل، باٽنيڪل، فارميسي، انساني جينيات ۽ ٻين شعبن ۾ استعمال ڪري سگهجي. هن ان موقعي تي ورڪشاپ ۾ موجود اسڪالرن ۽ استادن کي ميڊيڪل، باٽنيڪل، فارماسيوٽيڪل، فارميسي، مائيڪرو بائلاجي، هيومن جينيٽڪس، ميڊيڪل ليب ٽيڪنالاجي، انڊسٽريل، بايو ٽيڪنالاجي ۽ ٻين لاڳاپيل سائنسز ۾ بايو انفارميٽڪس کي لاڳو ڪرڻ بابت تربيت ڏني. سندس چوڻ هو ته فصلن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ جينومڪ محققن ۽ باٽني جي ماهرن وچ ۾ سهڪار تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته جديد بايو ٽيڪنالاجي جي اوزارن ۽ جينومڪس ۽ پروٽومڪس جي طريقن جي مدد سان خوراڪ ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ ترقي ڪري اسان مستقبل کي درپيش چئلينجن سان منهن ڏيئي سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي نئون علم ٽرانسجينومڪس يا جينومڪس تي مشتمل روايتي افزائش ذريعي فصلن، چوپائي مال، مڇين ۽ وڻن جي سمورن نسلن جي بهترين افزائش ۾ مدد ڏيئي رهيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر بشريٰ پاٽولي چيو ته جينومڪس ذريعي سڀ کان اڳ سارين تي ڪيل سرڪاري ۽ نجي جين جي ترتيب جا منصوبا آهن. اهي منصوبا مڪمل ڪرڻ بعد گهٽ ايراضيءَ ۾ سارين جي وڌيڪ اُپت حاصل ڪرڻ لاءِ هارين ۽ آبادگارن حوالي ڪيا ويا آهن. هن چيو ته مڪئي جي جينوم جي ترتيب تي به منصوبو ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته سارين/ چانورن، مڪئي ۽ ٻئي اناج ۾ وڏي تعداد ۾ هڪجهڙا جين هوندا آهن. ڊاڪٽر بشريٰ پاٽولي جو چوڻ هو ته معاشي ترقيءَ جو دارومدار کاڌ خوراڪ جي شين جي صنعتي پيداوار تي آهي ۽ پيداوار صرف جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وڌائي سگهجي ٿي، ان سلسلي ۾ بايو انفارميٽڪس جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور صنعتي عمل کي سرسبز بنائڻ جي ضرورت جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جينومڪس ۾ تحقيقي ڪوششن جي حمايت ڪري ته ان ۾ زراعت ۽ چوپايو مال ٻنهي شعبن ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي شعبن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙ اسڪالرن، محققن ۽ استادن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.