سنڌ يونيورسٽيءَ جي باسڪيٽ بال ٽيم آل پاڪستان انٽر ورسٽي جي چئمپين شپ ‘ڪي’ زون ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي: مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ تقريب: ڊاڪٽر اڪرم انصاريءَ ڪامياب ٽيمن ۾ انعام ورهايا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو باسڪيٽ بال ٽيم آل پاڪستان باسڪيٽ بال انٽر يونيورسٽي چئمپين شپ زون ‘ڪي’ ۾ بهترين راند پيش ڪندي ٻي پوزيشنل ماڻي ورتي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انچارج ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد احمد ڀٽيءَ جي هڪ پڌرائيءَ موجب آل پاڪستان باسڪيٽ بال انٽر ورسٽي چئمپين شپ زون ‘ڪي’ جو ايونٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سهڪار سان مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ميزبان مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي باسڪيٽ بال ٽيمن حصو ورتو. ايونٽ ۾ ٿيل سمورين مئچن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم ٻي پوزيشن پنهنجي نانءَ ڪئي. فائنل مئچ بعد انعام ورهائڻ واري تقريب منعقد ٿي، جنهن جو خاص مهمان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرم انصاري هو، جنهن ڪامياب ٽيمن ۾ انعام ورهايا. ان موقعي تي پنجن ئي يونيورسٽين جا اسپورٽس ڊائريڪٽر موجود هئا.