MPhil/M.S & PhD Admissions 2025
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انساني حقن بابت وفاقي وزارت جي سهڪار سان سيمينار: ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي صدارت ڪئي: معاشري ۾ ڪمزور طبقي جو خيال رکڻ بنيادي انساني حقن جي عين مطابق آه

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انساني حقن بابت وفاقي وزارت جي سهڪار سان “سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ حساسيت” جي سري هيٺ هڪ سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ انساني حقن جي وفاقي وزارت جي عملدارن ريجنل ڊائريڪٽر ڪراچي اقبال پاشا، پروگرام ڊائريڪٽر عزيز اقبال، ڊپٽي ڊائريڪٽر احسن نواز ۽ ڪو آرڊينيٽر خير محمد لاکو شرڪت ڪئي، جڏهن ته سجاڳيءَ واري سيمينار جي صدارت وائيس چانسلر پاران انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر جي مک آڊيٽوريم ۾ ٿيل سيمينار ۾ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، ڊاڪٽر تانيه مشتاق، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو، ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، ڊاڪٽر سردار علي شاهه، ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي، ڊاڪٽر فيض محمد بروهي، غلام رسول چانڊيو، ممتاز علي پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ خطاب ڪندي انساني حقن جي وفاقي وزارت جي پروگرام ڊائريڪٽر عزيز اقبال چيو ته معاشري ۾ ماڻهن جي ڪمزور طبقي جو خيال رکڻ بنيادي انساني حقن جي عين مطابق آهي. ڪمزور ماڻهن ۾ پوڙها، عورتون توڙي ٻار، معذور ۽ ٽين جنسي شامل آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي تبديليءَ جا ٻه طريقا آهن، جن ۾ هڪ انقلابي طريقو ۽ ٻيو تشخيصي طريقو شامل آهن. هن چيو ته انقلاب نقطه نظر نظام کي تباهه ڪندڙ طريقو آهي، تنهن ڪري ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ناهي، جڏهن ته ٻيو طريقو استعمال ڪرڻ سان معاشري ۾ تبديلي ممڪن آهي، جيڪا جٽادار هوندي. بعد ۾ وفاقي وزارت جي عملدارن وي سي آفيس پهچي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اقبال پاشا چيو ته هو پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ سيمينار منعقد ڪري چڪا آهن، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جهڙو ٽيلينٽ کين ڪٿي نظر نه آيو. هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن خاص طور لا انسٽيٽيوٽ جي شاگردن تمام گهڻا سوال پڇيا ۽ انساني حقن جي معاملي ۾ تمام گهڻو متحرڪ ۽ انساني حقن بابت سمجهه رکندڙ نظر آيا. ان موقعي تي وائيس چانسلر خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي اعليٰ تعليم سان گڏ هڪ بهتر معاشري جي جوڙجڪ بابت به ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لا جا گريجوئيٽس وڏي پئماني تي سول جج، لا آفيسر ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ٿيا آهن. هن عملدارن ذريعي انساني حقن واري وفاقي وزير لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي دوري جي دعوت موڪلي ۽ چيو ته وفاقي وزير سنڌ يونيورسٽيءَ جو دورو ڪندو ته کيس خوشي ٿيندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/06/2023
Announcements
Academic Transcript / Marksheet
سنڌ يونيورسٽيءَ جي قانون واري شعبي ۾ پهريون ...
View Details → 04/17/2025
Academic Transcript / Marksheet
First Provincial Chess Tournament held at SU's Law Department
View Details → 04/17/2025
Academic Transcript / Marksheet
جامعہ سندھ کے شعبہ قانون میں پہلا صوبائی شطر...
View Details → 04/17/2025