سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي چئن شعبن فائن آرٽس، ڪميونيڪيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۽ آرٽ ھسٽري جي بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ قابليت واري ٽيسٽ منعقد ڪئي ويئي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي چئن شعبن ۾ تعليمي سال 2024ع تحت داخلائن لاءِ قابليت واري ٽيسٽ منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ اميدوارن شرڪت ڪري داخلائن لاءِ پنھنجي قسمت آزمائي. ھوڏانھن سڀاڻي 3 جنوري تي پڻ قابليت واري ٽيسٽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ ورتي ويندي، جنھن ۾ 2 جنوري تي ڪنھن سبب جي ڪري رھجي ويل اميدوارن کي پڻ شرڪت جو موقعو ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾  انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي پنھنجي ھڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ته تعليمي سال 2024ع تحت فائن آرٽس، ڪميونيڪيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۽ آرٽس ھسٽري ۾ بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ قابليت واري ٽيسٽ گذريل ڏينھن ڪاميابيءَ سان منعقد رهڻ بعد سڀاڻي 3 جنوري 2024ع تي پڻ ٽيسٽ ورتي ويندي. ھن چيو ته اھڙا اميدوار جن ڄاڻايل 4 شعبا داخلائن لاءِ منتخب ڪيا، گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران ورتل انٽري ٽيسٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 اسڪور حاصل ڪيو، صرف اھي ئي قابليت ٽيسٽ لاءِ سڀاڻي آخري ڏينھن تي اچي سگھن ٿا. ھن وڏيڪ چيو ته جن اميدوارن فائن آرٽس، ڪميونيڪيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۽ آرٽ ھسٽري چوائيسز رکيا، اھي 3 جنوري تي رٿيل ٽيسٽ ڏيڻ ضرور اچن.