سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ “انڪم ٽئڪس قانون ۽ اي فائلنگ جا بنيادي اصول” جي سري هيٺ سيمينار: قانوني ماهرن قومي ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽئڪس جي ادائگيءَ کي لازم قرار ڏيئي ڇڏي

انڪم ٽئڪس جي معاملن تي ڪم ڪندڙ ماهر وڪيلن قومي ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽئڪس جي ادائگيءَ کي لازم قرار ڏيندي چيو آهي ته شهرين کي انڪم ٽئڪس جي قانونن ۽ اي-فائلنگ جي عمل تي وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته ٽئڪس ريٽرن جي موثر فائلنگ لاءِ پيشيوراڻي وڪيلن جون خدمتون وٺڻ گهرجن. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن پاران “انڪم ٽئڪس قانون ۽ اي فائلنگ جا بنيادي اصول” جي سري هيٺ منعقد ٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي ڪراچي ٽئڪس بار ايسوسيئيشن جي متحرڪ ميمبر فيصل خان چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي مقرر ڪيل قانونن موجب سماج جا ڪجهه طبقا، جن ۾ بيواهه، بزرگ شهري ۽ شاگرد شامل آهن، انڪم ٽئڪس جي ادائگي کان آجو آهن. هن چيو ته انڪم ٽئڪس معاملن کي ڊيل ڪندڙ وڪيل ڪلائينٽس کي ٽئڪس جي ادائگي ۽ فائلرز هئڻ جي فائدن بابت مڪمل ڄاڻ فراهم ڪن. هن سيمينار ۾ شريڪ استادن ۽ شاگردن کي فائلرز جي حقن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته يوٽيلٽي پرووائيڊرز جهڙوڪ حيسڪو طرفان وصول ڪيل اضافي ٽيڪسن جي مد ۾ رقم واپس وٺي سگهجي ٿي ۽ حيسڪو پابند آهي ته اها فائلرز کان اوڳاڙي ڪيل واڌو رقم کين واپس ڪري. ڪراچي ٽئڪس بار ايسوسيئيشن جي هڪ ٻئي ميمبر عبدالمتين چيو ته انڪم ٽئڪس ڏيڻ جو مطلب قومي خزاني ۾ پنهنجو حصو وجهڻ آهي، فائلز ٿيڻ جا بيشمار فائدا آهن، جن مان هڪ فائدو اهو آهي ته نان فائلر جو جتي 10 هزار بجلي جو بل آهي، اتي فائلر سان گهٽ ۾ گهٽ 1500 رپيا رعايت هوندي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آمدنيءَ تي ٽئڪس ڏيڻ واري عمل عوامي خدمتن ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قومي فنڊنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان  موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميرٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن ۽ استادن لاءِ وڌيڪ آگاهي سيمينار منعقد ڪرايا ويندا ته جيئن کين آمدني واري ٽئڪس بابت مڪمل ڄاڻ فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سمورن ملازمن جي پگهارن مان ٽئڪس ڪٽجي ٿو وڃي، تنهن ڪري کين فائلر ٿيڻ جا فائدا به معلوم هئڻ گهرجن. هن يونيورسٽي جي مفادن کي مسلسل اوليت ڏيڻ تي فيڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪجهه به ٿي پوي، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو هميشه يونيورسٽيءَ جي مفادن کي ترجيح ڏني ۽ هو انهن تي سوديبازي ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن سنڌ يونيورسٽيءَ جو تمام اهم انسٽيٽيوٽ آهي، جنهن جا گريجوئيٽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن انڪم ٽئڪس جهڙي اهم معاملي تي سڄاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪرڻ تي پي وي سي مين ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ سندس انسٽيٽيوٽ جي فيڪلٽي ميمبرن کي واڌايون ڏنيون. وائيس چانسيلر ان موقعي تي محترمه بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ 3 ڏينهن اڳ وڊيو ڪانفرنس روم جي قيام جو ذڪر ڪندي چيو ته اتي به ليڪچر ڪرايا وڃن ته جيئن اهڙا اسپيڪر جيڪي ڪراچي يا ملڪ جي ٻين شهرن مان پنهنجي مصروفيت سبب هتي نه اچي سگهن ته اهي اتان ويهي ليڪچر ڏين. انهيءَ شاندار ڪانفرنس روم ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو ويهي سگهن ٿا. انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو پڻ تقريب دوران انڪم ٽئڪس جي قانونن کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪراچي کان آيل ماهر وڪيلن ۽ ٻين مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. سيمينار جو خاص مهمان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو سينئر وڪيل ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهور هو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، سيمينار آرگنائيزر ڊاڪٽر ماريه شيخ، ايونٽ ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر فرحان زيب خاصخيلي، فيڪلٽي ميمبرن ڊاڪٽر صائمه ڪامران، ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، ڊاڪٽر تانيه مشتاق، ڊاڪٽر سميع الدين شيخ، ڊاڪٽر سيد ڪي بي شاهه، سيما ميمڻ، حنا رند، ڊاڪٽر وشنو پرمار ۽ ڊاڪٽر محمد ميمڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس آرگنائيزنگ ٽيم ۾ شامل شاگردن ۽ شاگردياڻين شفقت پالاري، آفتاب جتوئي، منتشا سهتو، فروا نور، حسن کتري ۽ محمود انصاري پڻ شامل هئا. تقريب جي آخر ۾ وائيس چانسيلر، مهمانن ۽ فئڪلٽي ميمبرن کي يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.