سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ سينيٽ جو 36هون اجلاس، مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويئي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ جو 36هون اجلاس چانسلر پاران بااختيار ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ جي 35هين گڏجاڻيءَ جا منٽس منظور ڪرڻ کان سواءِ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پرو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس پروفيسر رفيق احمد ميمڻ، پرو وائيس چانسلر لاڙ ڪئمپس بدين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري نور احمد سمون سميت سنڌ يونيورسٽيءَ جي 185 سينيٽرن کان سواءِ ڪاليج ايجوڪيشن جي ميمبرن ۽ مختلف فورمن پاران نامزد ڪيل نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پهرين آڪٽوبر 2023ع تي ٿيل سينڊيڪيٽ جي 206هين اجلاس ۽ 27 سيپٽمبر 2023ع تي ٿيل اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ڊپارٽمينٽ آف ايسٽرن ميڊيسن اينڊ سرجري جي قيام ۽ ان جي 5 سالا پروگرام شروع ڪرائڻ بابت سفارشون پڻ پيش ڪيون ويون، جن کي به منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ مين ڪئمپس ڄامشورو ۾ 5 سالا ايل ايل بي ۽ ڊاڪٽر آف فزيڪل ٿراپي (ڊي پي ٽي) تعليمي پروگرام شروع ڪرائڻ جي اجازت ڏني ويئي. اجلاس ۾ 2 نومبر 2022ع تي ٿيل سينيٽ جي 35هين اجلاس ۾ پاس ڪيل مختلف ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ کنيل فالو اپ ايڪشن پڻ نوٽ ڪرايا ويا. اجلاس ۾ مالي سال 23-2022ع لاءِ سالياني رپورٽ جي به منظوري ڏني ويئي.