سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ تعليمي سال 2024ع تحت بيچلر پروگرامن جي پهرئين سيمسٽر جا ڪلاس 12 فيبروريءَ کان شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ تعليمي سال 2024ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز (صبح ۽ شام ٻنهي شفٽن ۾) پهرئين سيمسٽر جا ڪلاس 12 فيبروري 2024ع کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ موجب ايڊميشن ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي سفارشن تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو تعليمي سال 2024ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز جي صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ داخل پهرئين سال جي شاگردن جا ڪلاسز 12 فيبروري 2024ع کان شروع ڪرائڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آھي. واضح رهي ته بي ايس ٿرڊ ايئر ۾ داخل سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ڪلاس اڳيئي پنجين سيمسٽر جي آن رول شاگردن سان گڏ شروع ٿي چڪا آهن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/02/2024
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
SU VC Dr Marri inaugurates handicrafts centre to promote Sindh’s cultural heritage
View Details → 06/17/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح م...
View Details → 06/17/2026