سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس پاران تعليمي سال 2024ع تحت بيچلرس ڊگري پروگرام جي مختلف تعليمي شعبن ۾ داخل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڀليڪار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر محمد يونس لغاري تعليمي سال 2024ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز جي مختلف تعليمي شعبن ۾ داخلا حاصل ڪندڙ نئين آيل شاگردن کي ڀليڪار ڪندي کين قانون جي پاسداري ڪرڻ ۽ پنھنجي پڙھائيءَ تي ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏني آھي. پنھنجي جاري ڪيل ھڪ سرڪيولر ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر محمد يونس لغاري جو چوڻ ھو ته نئين آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جو استقبال ڪندي کيس سرھائي ٿي رهي آهي. ھن اميد ظاھر ڪئي ته يونيورسٽيءَ جو پرامن تعليمي ماحول نوجوانن کي پسند ايندو ۽ ھو دل لڳائي پنھنجو مطالعو جاري رکندا. هن چيو ته نوان آيل شاگرد قانون ۽ يونيورسٽي رولز جو احترام ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي غير قانوني حرڪت توڙي سرگرمين کان پاسو ڪن. ھن شاگردن کي نصيحت ڪئي ته ھو اجازت کان اڳ ڪا به غير نصابي سرگرمي منعقد نه ڪن. ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس وڌيڪ چيو ته ڪنھن به مدد يا ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌ يونيورسٽيءَ جي سيڪيورٽي آفيس يا سندس آفيس سان فوري طور لهه وچڙ ۾ اچن ته جيئن کين بروقت مدد فراھم ڪري سگھجي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/19/2024
Announcements
1024 x 768
Rs4.87bn water filtration project announced for Sindh University, minister says scheme to ...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے لیے 4.87 ارب روپے کے واٹر فلٹریشن منصو...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ 4.87 ارب روپين جي واٽر فلٽريشن...
View Details → 04/29/2026