سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب، مختلف اسڪالرشپس جي مد ۾ مجموعي طور 172 خوشنصيبب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 68 لک 41 هزار رپين جا چيڪ ورهايا ويا:

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مختلف اسڪالرشپس جي مد ۾ مجموعي طور 172 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 68 لک 41 هزار رپين جا چيڪ ورهايا. ان سلسلي ۾ تقريب وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسلر نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ (نيسٽ) اسڪالرشپ تحت 2020ع بئچ جي 11 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 12 لک 32 هزار، 2021ع بئچ جي 7 اميدوارن ۾ 3 لک 92 هزار، 2022ع بئچ جي 40 خوشنصيبن ۾ 24 لک 60 هزار ۽ 2023ع بئچ جي 20 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 12 لک 60 هزار رپين جا چيڪ ورهايا. تقريب ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر فنڊ تحت 15 خوشنصيبن ۾ 5 لک 17 هزار ۽ سنڌ ايجوڪيشنل انڊوومينٽ فنڊ تحت 16 خوشنصيبن ۾ 9 لک 80 هزار رپين جا چيڪ ورهايا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته نيسٽ اسڪالرشپ تحت هاسٽلر شاگردن ۽ شاگردياڻين مان هر هڪ کي هڪ لک 40 هزار ۽ هاسٽلن ۾ نه رهندڙ هر هڪ خوشنصيب کي 56 هزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اسٽوڊنٽس ويلفيئر فنڊ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس جو فنڊ آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي پگهارن مان ماهوار رقم ڪٽرائين ٿا. انهيءَ اسڪالرشپ تحت هر شاگرد کي 20 هزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشنل انڊوومينٽ فنڊ تحت هر شاگرد کي 33 هزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي. تقريب ۾ رجسٽرار توڙي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشنل ايڊ آفيس پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پرو وائيس چانسلر لاڙ ڪئمپس بدين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جو ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي، جان عالم سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.