سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڊيلٽا ۾ حياتياتي ماحول تي موسمياتي اثرن جو جائزو” جي سري هيٺ سيمينار

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي آفيس ۾ “درياهه سنڌ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڊيلٽا جي علائقي ۾ حياتياتي ماحول تي موسمياتي اثرن جو جائزو” جي سري هيٺ هڪ سيمينار منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر طرفان نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور ڪئي. ان موقعي تي محققن ۽ پاڻي ماھرن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوبي جي آبهوا ۽ موسمي حالتون خاص طور ڪوٽڙيءَ جي ڊائون اسٽريم ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن، جنھن جا اڳتي ھلي خراب نتيجا نڪرندا، جھنگلي جيوت، ريڙھيون پائيندڙ جانور ۽ ڊيلٽا بچائڻ لاءِ لاڳاپيل حڪومتي شعبن کي ھنگامي بنيادن تي اڳيان اچڻ گھرجي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر آغا اسد نور ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ انڊس ڊيلٽا جي صورتحال تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌو درياهه جون حالتون اهڙيون ئي رهيون ته ايندڙ چند سالن دوران صوبي ۾ صرف بيابان واري صورتحال نظر ايندي. هن مطالبو ڪيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي محفوظ ۽ پائيدار ماحولياتي زور قرار ڏنو وڃي، جيڪو سنڌوءَ ۾ صرف پاڻيءَ کي وافر مقدار ۾ ڇڏڻ سان مشروط آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي پروفيسر (رٽائرڊ) ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل چيو ته ريڙهيون پائيندڙ جانورن جو نسل پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب درياهه مان ختم ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ بدترين ڏڪار ۽ ٻوڏ واري صورتحال جهنگلي جيوت جي مستقل رهائشگاهن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. سينٽر فار ڪوسٽل اينڊ ڊيلٽيڪٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مختيار احمد مهر چيو ته ڪوٽڙيءَ ۾ مٺي پاڻيءَ جو سست وهڪرو آبي ۽ زميني ٻنهي زندگين جي تباھي جو ذريعو بڻجي رھيو آهي. هن چيو ته محقق سول سوسائٽي سان گڏجي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام کي بچائڻ لاءِ قدرتي حياتياتي ماحول جي تحفظ ۽ بچاءَ تي ڪم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سفارشون حڪومت کي ڏين ۽ حڪومت جيڪڏھن انھن سفارشن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪيو ته ڪجهه بچاءُ ٿي سگهي ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا محققن تي زور ڀريو ته هو اهڙي اپلائيڊ بيسڊ ريسرچ پيش ڪن، جيڪا قدرتي حياتياتي ماحول لاءِ سڌيءَ ريت فائديمند ثابت ٿئي. هن چيو ته قدرتي فوڊ چين ۽ وائيلڊ لائيف ماحولياتي تبديلين کي برقرار رکڻ ۽ ماحولياتي آفتون اچڻ واري عمل جي حمايت ڪن ٿا. جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي زولاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالمنان شيخ انڊس ڊيلٽا ايڪو ريجن ۾ ٻوڏ، برساتن ۽ ڏڪار جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان ڳالهايو ۽ نشاندهي ڪئي ته علمي تحقيق واحد شيءِ آهي، جيڪا حيوانيات ۽ نباتات جي موجوده فهرست جا ٺوس نتيجا فراهم ڪري ٿي، نتيجن جي روشنيءَ ۾ پاليسيون ۽ منصوبو تيار ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي زولاجي جي اسڪالر ڌڻي بخش مشوريءَ جو پي ايڇ ڊي جو آخري سيمينار پڻ منعقد ٿيو، جنھن ۾ ھن پنهنجي تحقيق ساڳئي موضوع تي پيش ڪئي، جنهن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.